سن (ن پ ا) سن ۾ سيد اميرحيدرشاهه جي لاڏاڻي تي سن ۾ سيد خاندان سان تعزيت جوسلسلوجاري آهي. مختلف سياسي سماجي ڌرين راڄ جي چڱن مڙسن سميت مختلف مڪتب وفڪر جا ماڻهو سيد جلال محمود شاهه . سيد بدرالزمان شاهه سيد علي رضا شاهه سيد ظفرحيدرشاهه سيد زين شاهه ۽ سيد منير حيدر شاھ سان سن پهچي تعزيت ڪري رهيا آهن . جڏهن ته سيد خاندان جي طرفان سيد اميرحيدرشاهه جوٽيجهو اڄ شام جو پنجين بجي درياهه واري بنگلي تي ڪيو ويندو. جڏهن ته مرحوم جي روح کي ايثال ثواب پهچائڻ خاطر قرآن خواني ڪري مجلس عزا ڪرائي ويندي جنهن بعد دعائون گهريون وينديون