سن ۾ اسٽيج ناٽڪ واھ سھڻا واھ پيش، اداڪارن واهه واهه ڪرائي

0
34
سن ۾ اسٽيج ناٽڪ واھ سھڻا واھ پيش، اداڪارن واهه واهه ڪرائي
سن ۾ اسٽيج ناٽڪ واھ سھڻا واھ پيش، اداڪارن واهه واهه ڪرائي

سن (ن پ ا) سن ۾ ھر سال جيان ھن سال به شاھ حيدر سنائي جي عرس جي موقعي تي سنائي آرٽ سرڪل سن طرفان شنيل يونس جي ڊائريڪشن  ۾ اسٽيج ناٽڪ واھ سھڻا واھ پيش ڪيو ويو، جنھن ۾ حيدرآباد سکر ۽ سن جي اسٽيج ٽي وي ۽ فلم جي اداڪارن بھترين پرفام ڪيو، ھي اسٽيج ناٽڪ مرحوم نادر بلوچ جو لکيل ھو، ھن ڊرامي جو ڊائريڪٽــر شنيل يونس ھيو  ڊرامي ۾ سکر جي ايڪٽر عابده گل بھترين پرفام ڪري پھرين پوزيشن حاصل ڪئي، جنهن تي سڄي حال ۾ ويٺل ماڻهن پاران تاڙيون وڃائي کيس خوب داد ڏنو ويو، ھن ڊرامي کي ڏسڻ لاءِ سن، مانجھند، آمري  سڪرنڊ سيوھڻ  ۽ آس پاس جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ھن ڊارمي ۾ يونس سنائي، عابده گل، شاھنواز شاھاڻي، ليلا ناز،  شيزي اصغر سنائي  راجا عنايت سولنگي، سوز علي مري، ذوھيب شاھ ڪاظمي، زبير پليجو به اداڪاري جا جوھر ڏيکاريا.