سن (ن پ ا) سن شھر ۽ آس پاس ۾ چوريون روز جو معمول بڻجي ويون آهن ڇڇر ايٽ سن پوليس ست مھينا اڳ گھر مان ٿيل چوري واپسي ڪرائي چورن کي پڻ گرفتار ڪري ورتو آهي. ان ڏس ۾پير شير شاھ جي گھر مان ست منھينا اڳ ٿيل چوري ڇڇر ايٽ پوليس واپس ڪرائي ورتي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري سندن مٿان ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. ڇڇر ايٽ سن ٿاڻي تي ڊي ايس پي عباس علي بگٽي ۽ ايس ايڇ او شاھنواز ملھڻ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ست مھينا اڳ پير شير شاھ ولد نبي شاھ جي گھر مان آفتاب شاھاڻي شبير شاھاڻي اسٽپ لائيزر ھڪ سولر پليٽ موبائيل فون ۽ روڪ رقم چوري ڪئي ھئي جنهن کان پوء پير شير شاھ چوري ٿيل موبائيل ٽيس ڪرائيڻ لاء لڳرائي ڇڏي جنهن جي ڪري موبائيل کولڻ تي اسان ڪاروائي ڪري جوابدار گرفتار ڪيا آهن جن پنهنجي ڏوھ جو اعتراف پڻ ڪيو آهي.