سن(ن پ ا) سن ڀرسان انڊس هاءِ وي تي سرائي سولنگي اسٽاپ وٽ ٻن گاڏين جي وچ ۾ زور دار ٽڪر ٿيڻ واري معاملي جو ڪيس ڇڇر ايٽ سن ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي، واضح رهي ته روڊ حادثي جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا جن ۾ خواجه علي ڪاظم، خواجه نديم سيد علي جان رضوي، زين ترابي عبدالغني مڱريو ٿڏي تي فوت ٿي ويا هئا جنهن جي ايف آئي آر سندس ڀاءُ محمد مرتضيٰ ترابي جي فرياد تي ڇڇر ايٽ سن ٿاڻي تي فورچونير ڊرائيور قربان ڀٽي تي داخل ڪئي وئي آهي، ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فارچونر گاڏي رونگ سائيڊ کان اچي رھي ھئي ته سامهون ايندڙ گاڏي اڇي ڪلر جي ڪرولا ڪار3سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي ڪري 5 ڄڻن جون زندگيون اجل جو شڪار ٿي ويون آهن.