سن (ن پ ا) سن شھر ۾ قديمي  شاهه حيدر سنائي جي قبرستان جنهن ۾  سنڌ جو نالي واري قومي دانشور خاڪي جويو به دفن ٿيل آهي، ان ئي قبرستان مان بااثر آرا مشن جي مالڪ طرفان قديمي وڻ وڍريا پيا وڃن سَن جي بااثر آري مشين جي مالڪ طرفان قبرستان مان رات جي اونداهي ۾ وڻ ڪٽايا ويا آھن ۽ وڻ قبرن مٿان ڪرڻ جي ڪري ڪيتريون ئي قبرون پڻ مسمار ٿي ويون آھن، جويا برداري جي نوجوان وقار جويو، يوسف جويو، قاسم جويو، مصطفيٰ جويو ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته اسان جي وڏڙن سميت سيد، دايا، ملاح، شاھاڻي، خاصخيلي، کماڻ، ميمڻ، پليجا، سومرا، عمراڻي ۽ ٻين مختلف بردارين جي قبرن جي بي حرمتي ڪري انهن کي مسمار ڪري 40 سال پراڻا قديمي  وڻ وڍرايا پيا وڃن، وڻ وڍڻ تي حڪومت طرفان پاپندي پڻ لڳل آهي، اسان ايس ايس پي ڄامشورو  ۽ سنڌ حڪومت کي اپيل ٿا ڪيون ٿا ته بااثر آرا مشن جي مالڪ سميت ملوث ماڻهن کي جلد قانوني ڪٽهڙي ۾ آڻي انهن کي سزا ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ مجبور ٿي اسان انڊس هاءِ وي روڊ بند ڪري سخت احتجاج ڪنداسين.