ڪراچي(انٽريسٽنگ نيوز) گرمي جي موسم آهي  گرمي سبب هرهڪ گرمي کان بچڻ لاءِ احتياطي تدابيرون استعمال ڪري رهيو آهي، فارون کي عربي ۾ فالسه ،فارسي ۾ پالسه ، بنگالي ۾ ڦالسه ، انگريزي ۾ Grewiaa Slatica چيو ويندو آھي، فاروا ھڪ اھڙو ميوو آھي جنھن ۾ لذت ، فرحت ،سان گڏوگڏ بيشمار طبي ۽ غذائي فائدا پڻ آھن، گرمي جي موسم ۾ فاروا_الله رب العزت طرفان وڏي نعمت آھن شديد گرمي ۽ لڪ جي موسم ۾ فارون جو شربت ھڪ گلاس پيئڻ سان سن اسٽروڪ کان به محفوظ رھي سگھجي ٿو، فارون جو مزاج سرد تر يعني ٿڌا آھن مقدار خوراڪ 20گرام کان 50 گرام تائين کائي سگھجن ٿا، فاروا دير ھضم ۽ خشڪي ۽ قبض پيدا ڪندڙ آھن ان ڪري ڦارون ۾ حسب ضرورت لوڻ ۽ ڪارا مرچ لگائي کائڻ سان آساني سان  ھضم ٿي ويندا، فاروا کٺا ۽ مٺا ٿيندا آھن ڪوشش ڪري مٺا ڦاروا کائڻ گھرجن ڦاروا دل لاء تمام مفيد آھن گرمي سبب  دل جي دڙڪن گھبراھٽ بي چيني  الٽيون دل ڪچي ٿيئڻ اڄ جو زياده لڳڻ جي صورت ۾ کائڻ گھرجن ڦارون جي پنن جي شڪل به دل جھڙي آھي، فاروا معدي جگر ۽ دل کي طاقت ڏين ٿا گرمي جو بخار دور ڪن ٿا پيشاب جو ساڙو جلن پيشاب ۾ رت اچڻ مردن ۾ جريان ۽ عورتن ۾ ليڪوريا جو بھترين علاج آھي.