سنگرار (رپورٽ: صدام حسين ڀنڀرو) سنگرار ۾ سيارو شروع ٿيڻ کان اڳ ئي سنگرار ۽ ڀرپاسي وارن ريگستاني ۽ زرعي علائقن ۾ ٻٽير پکين جي آمد شروع ٿيڻ شرط هن ناياب نسل جي پکيءَ جي شڪار لاءِ شڪاري به اچڻ شروع ٿي ويا آهن، پنجاب جي مختلف علائقن مان مارين “شڪارين” جا ٽولا هتي شڪار لاءِ اچي رهيا آهن سنگرار جي اڪثر علائقن ۾ مقامي ماڻهن ۽ جهنگلي جيوت کاتي جي رشوت خور عملي جي ملي ڀڳت سان شڪار جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي اڪثر ماري ٻٽيرن جي شڪار لاءِ وڏا ڄار لڳائي ٻٽيرن کي ڦاسائي رهيا آهن، جڏهن ته ڪجهه ماري وري ٽيپ رڪارڊ تي ٻٽيرن جي آواز ذريعي ٻٽيرن کي سندن ڄار ۾ ڦاسائي رهيا آهن، جنهن سبب روزانو سوين ٻٽيرن جو شڪار ٿيندو آهي ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب شڪار ڪيل ٻٽير پنجاب جي اڪثر شهرن ۾ 250 کان 300 رپيا في داڻي جي حساب سان وڪري لاءِ موڪليا ويندا آهن جڏهن ته مقامي علائقن ۾ اهي پکي 130 کان 150رپين ۾ وڪرو ڪيا وڃن ٿا پنجاب جي اڪثر شهرن ۾ ماڻهو ٻٽير پکي خريد ڪري وڏي شوق سان کائين ٿا ٻئي طرف ٻٽير پکين جو شڪار انهن جي نسلن کي گهٽائي رهيو آهي اهو مسئلو نه رڳو ٻٽير پکين جي بقا کي خطرو آهي پر جهنگلي جيوت کاتي جي ڪارڪردگي تي پڻ سوال پيدا ڪري ٿو اهڙا ڪيترائي علائقا آهن جتي ٻٽير جي شڪار تي ضابطو آڻڻ لاءِ مناسب اپاءَ ناهن ورتا ويا، جنهن سبب انهن جو انگ گهٽجي رهيو آهي جهنگلي جيوت کاتي کي ان سلسلي ۾ موثر قانون ۽ اپاءَ وٺڻا پوندا ته جيئن انهن جي نسلن کي بچايو وڃي.