سنگرار (ن پ ا) سنگرار لڳ  ڳوٺ بگن خان شنباڻي هن جديد دور ۾ به سوين  معصوم  ٻارڙا تعليم پرائڻ  کان محروم آهن، ان حوالي سان  ڳوٺاڻن جمن خان، مبين خان، ابوبڪر شنباڻي۽ معصوم ٻارڙن سميت احتجاج ڪندي ٻڌايو ته اسان جي ڳوٺ کان ڏهه، ٻارنهن ڪلو ميٽر اسڪول پري آهي، اسان ته تعليم نه پرائي سگهياسين مگر اسان جا معصوم ٻارڙا به تعليم کان محروم آهن، هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان سرڪاري آفيسرن کي درخواستون ڪري ٿڪجي پيا آهيون، هنن نگران وفاقي حڪومت ۽ تعليم کاتي کان اپيل ڪئي آهي ته خدارا اسان جي ڳوٺ کي اسڪول ڏيئي اسان جي ٻاڙن جو مستقبل بچايو وڃي.ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.