سنگت ٽٽي ويئي

0
78
سنگت ٽٽي ويئي

 مون کي ڇويهين نومبر جي  ان شام سنڌي ادبي سنگت جي هڪ ڌڙي جي اليڪشن  ۾  ويهڻ دوران  افسوس ان ڪري ٿي رهيو هو جو جڏھن ان سنگت جي ڌڙي جي مرڪزي اميدوارن ٻئي ڌڙي جي مرڪزي اميدوارن جي خلاف دٻيل لفظن ۾ تيز و تند تقريرون  ٿي ڪيون ۽ انهن تقريرن مان ايئن ٿي لڳو ڄڻ سنڌي ادبي سنگت جا مرڪزي عهدا ڪو سليماني تخت هجن، جيڪي ماڻھو کي ملڻ کان پوءِ نه فقط هو هوا ۾  سفر ڪري سگهندو پر جن ديو، پريون  ۽ ٻي مخلوقات به ان جي تابع ٿي ويندي پر ايئن ناهي مون کي هن وقت سنڌ جا اهي اديب ۽ شاعر جيڪي سنڌي ادبي سنگت کي ٻن ڌڙن ۾ ورهائڻ جا ذميدار آھن،ڪيڏا نه هٺيلا ۽ خود غرض لڳن ٿا، جن ذاتي فائدن خاطر نج هڪ ادبي تنظيم کي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيو آھي.

                 سنڌي ادبي سنگت جي هڪ وڏي تاريخ آھي ان جو بنياد ورهاڱي کان اڳ رکيو ويو هو، ان جي قيام کان اڳ سنڌي ادبي سرڪل جوڙيو ويو هو، جنهن جي ميمبرن اڳتي هلي 1947ع جي آگسٽ جي پهرين هفتي ۾ سنڌي ادبي سنگت  جو بنياد وڌو، بايرس ۽ شپرس چيمبر ۾  گڏجاڻي ٿي،جنهن ۾ جيڪي سنڌي اديب  شريڪ هئا، انهن ۾  پروفيسر ايم يو ملڪاڻي، لعل چند امر ڏنو مل، چوهڙ مل هندوجا، منوهرداس ڪوڙومل، تيرٿ سڀاڻي، سوڀومل گيانچنداڻي،گوبند مالهي، بهاري لعل ڇاٻڙيا، آنند گولاڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، موهن پنجابي، ڀڳوان لالوڻي ٻيا موجود هئا.آگسٽ جي پهرين هفتي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي ڪراچي ۾ چوند ڪئي ويئي جنهن ۾ سيڪريٽري جنرل گوبند مالهي، آسانند مامتوراءِ پريزيڊنٽ، پروفيسر منگهارام ملڪاڻي نائب پريزيڊنٽ،شيخ اياز ۽ بهاري ڇاٻڙيا جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيا ويا. ترت ئي ورهاڱي کان پوءِ سنڌ جا ڪيترائي ترقي پسند هندو اديب  جيڪي سنگت جا ٿنڀ ٿوڻيون هئا، هندستان لڏي هليا ويا، جنهن ڪري  ادبي سنگت  ڪنهن زخمي هرڻي جيان رهجي ويئي ۽ سنگت جون گڏجاڻيون به گهٽجي ويون. سنگت جي ٻي گڏجاڻي جناح ڪورٽس هاسپيٽل جي ڪمري نمبر ڏھه ۾ احسان بدوي جي رهائش گاهه تي ٿي ھئي، جنهن ۾ ڪيرت ٻاٻاڻي، شيخ اياز، احسان بدوي، جمال ابڙو، مولابخش سانگي ساغر، نورالدين سرڪي ۽ ٻين  شرڪت ڪئي. ان کان پوءِ انجمن ترقي پسند مصنفين،جميعت شعراءَ سنڌ ۽ بزم صوفياءِ سنڌ،جهڙيون ادبي تنظيمون به  قائم ٿيون، ليڪن حالتن جي سنگيني ۽ سياسي غير يقيني واري صورتحال ۾ اهي تنظيمون به مڙيئي جيئنديون رهيون، پر پروان چڙھي نه سگهيون، جولاءِ 1954ع ۾ رشيد ڀٽي سکر ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ميڙ ڪوٺايو، جنهن ۾ عوامي ادبي انجمن جي پليٽ فارم تي ڪم ڪندڙ تنوير عباسي، عثمان ڏيپلائي، مولانا گرامي، مقبول ڀٽي، ع غ شيخ، ابن حيات پنهور، مرادعلي مرزا، بيگم زينت چنا ۽ ٻيا سنڌي ادبي سنگت ۾ شامل ٿي ويا.

17آڪٽوبر1956ع تي سنڌ سنگت جو پهريون ڪنوينشن سنڌ مدرسي ڪراچي ۾ ٿيو، جنهن ۾ سنگت جي ٻارنهن شاخن حصو ورتو ۽ سنگت جو آئين پاس ٿيو، ان کان پوءِ آئين مطابق سنگت جون چونڊون ۽ ان تي ڪم ٿيندو رهيو، شمشير الحيدري کان ويندي غلام حسين رنگريز تائين، تنوير عباسي کان ويندي رشيد ڀٽي تائين، تاج جويو کان ويندي يوسف سنڌي تائين ڪيترائي سيڪريٽري جنرل چونڊيا ويا، سنڌي ادبي سنگت هڪ رهي، ليڪن ڪجھه عرصو پهرين سنڌي ادبي سنگت ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي ويئي آھي ۽ هاڻي هڪ ئي وقت سنگت جون ٻه باڊيون چونڊيون و ڃن ٿيون. سنڌي ادبي سنڌ سنگت روشن خيال، ٻولي دوست، ترقي پسند اديبن جي هڪ وڏي نج ادبي تنظيم آھي جيڪا هن وقت ڪنهن ٽٽل سياسي پارٽي جيان گروپن ۾ ورهائجي چڪي آھي،ان جي ورهائجڻ کان پوءِ نه ان جو روح ساڳيو رهيو آھي ۽ نه ئي ڪم، ڀل ته ٻنهي ڌڙن جا چونڊيل سيڪريٽري جنرل ادبي خدمت جون ۽ سنگت جي حقيقي هئڻ جون هامون هڻندا هجن پر سنڌي ماڻھن ۾ حقيقي ادب جي خدمت جو اعتماد بحال ڪڏھن به ڪري نه سگهندا. هن وقت سنڌ انهن ٻنهي ڌڙن جي عهديدارن کان پچي ٿي ته توهان برصغير جي پهرين نج ادبي سنگت کي ايئن ڇو ٽوڙيو آھي، جيئن  مائٽن کان ناراض ٻارڙو پنهنجي  گهر جا ٺڪر ٽوڙيندو آھي.

سنگت ٽٽندي آھي،رشتا ٽٽندا آھن، سياسي پارٽيون ٽٽنديون  آھن پر سنڌي ادبي سنگت ٽٽڻ نه گهرجي ها.

 سنگت ته ذوالفقارعلي ڀٽي ۽ جمعي فقير گڏھه واري جي به ٽٽي ويئي جيڪو لاڙڪاڻي جو ويٺل هو، جيڪو روز صبح گڏھه هڪلي لاڙڪاڻي شھر مان  ڪاسائين وٽان  ڍورن جا هڏا ۽ مڇي مارڪيٽ مان مڇي جا ڇلر کڻي اچي شھر جي ڪتن ۽ ٻلن کي ڏيندو هو. جڏھن شھيد ڀٽو وزير اعظم هو ان کي چيائين ته منهنجي جهوپڙي ۾ اچي منهنجي دعوت کائي وڃو پر شرط اٿئي ته تون ايندين اڪيلو، ٻيو پاڻ سان وٺي نه ايندين. هڪ دفعي ڀٽو صاحب جڏھن لاڙڪاڻي آيو ته ڊي سي کي چيائين جمعي فقير کي حاضر ڪريو، جڏھن ساري انتظاميا جمعي فقير جي مڙھي تي پهتي ته جمعي فقير ايئن چئي موٽائي ڇڏي ته ڀٽو مون وٽ ڪونه آيو، آئون وٽس ڪونه ويندس، توهان هيتريون گاڏيون ڪاهي هارون وڄائي هت پهتا آھيو، منهنجي گڏھ  ٽاهه کاڌو آھي،جيڪڏھن منهنجي گڏھه جي ٽنگ ٽٽي ها ته اوهين ڳنڍي ڏيو ها؟

 ڪجهھ وقت اڳ سنڌي ادبي سنگت نه ٽوڙي وڃي ها ته هڪ سنگت جون ٻه باڊيون نه جڙن ها،اديب هڪ ٻئي سامهون سندرا نه ڪن ها،گوبند مالهي جو روح رنج نه ٿئي ها، رشيد ڀٽي جي ٽھڪن جي گونجار ۾ اوڇنگارون آواز نه ڏين ها، اياز جي شاعري، علي بابا ۽ جمال ابڙي جون ڪهاڻيون بي مروت دور هٿان ايئن مات نه کائين ها.

 هن وقت سنڌ ڪهڙي ڌڙي کي سنڌي ادب سنگت سڏي،هڪ  نالي سان ٻه شڪليون، هڪ  مياڻ ۾ ٻه تلوارون.

سنڌ جي اها ئي پڪار آھي، گڏجڻ جون حسرتون، اها پڪار چارڻ جي ان چنگ جهڙي آھي، جو جڏھن رات جي سانت ۾ چرندو آھي ته جهونا ڳڙھه جهرڻ لڳندا آھن، راجائن جي رتولن ۾ ريھه پئجي ويندي آھي، روح فدا ٿي وجود کي ان مٿان واري ڇڏيندا آھن.

عهدا ڇا هوندا آھن، عهدا اچن ٿا وڃن ٿا،اسان وٽ ادبي عهدا ڪا به معنيٰ نه ٿا رکن، اسان جون تخليقون،محبتون ۽ محنتون مانائتيون هجن ٿيون،اهي تڏھن ملھه ماڻين ٿيون، جڏھن اسين انهن کي عهدن يا پئسن تي مٽيون نه ٿا، جڏھن اسين اڪيلائين ۾ ويهي انهن سان مخاطب ٿي انهن جي لفظن ۾ اڻت ڪريون ٿا ۽ انهن تي پاٽولي جي رنگت جهڙي منظر ڪشي ڪريون ٿا.

 اڄ اسان عهدن خاطر ادبي سنگت کي ڇو ڇيڇاڙي رهيا آھيون،عارضي عهدن تي موهجي ڇو تخليق کي  ڀورا ڀورا ڪرڻ تي لهي آيا آھيون، سنڌ، ادبي سنگت جي ڀڃ ڊاهه جو حساب گهري پئي، ان جو حساب  اڄ نه به ملي پر تاريخ ان جو ليکو  چڪتو ضرور ڪندي.

 پنهنجي سنگت کي  ڪنهن ٽوڙي ڇڏيو

عشق روح کي ڪنهن لوڙھي ڇڏيو

 آئون رات ساري گيت ڳائي گذاريان ها

 پر  ڪنهن منهنجو گلو مروڙي ڇڏيو

 اڃان وقت ڪونه ويو آھي سنگت کي ٻيهر جوڙي ٻولي، ادب ۽ سنڌ لاءِ گڏجي ڪم ڪيو وڃي، جيڪو نه فقط ٻولي ۽ ادب جي فائدي مند رهندو پر ان ۾ اسان سڀني جو ڀلو آھي.