سنگاپور (انٽرسٽنگ نيوز) سنگاپور ۾ هڪ ملازم سنگتياڻيءَ کان دوکو کائڻ بعد پنهنجي ڏاڏي جي موت جو بهانو ڪري موڪلن تي هليو ويو، جنهن کي ڏاڏَي جي موت جو جعلي ڊيٿ سرٽيفڪيٽ جمع ڪرائڻ تي هزارين ڊالر ڏنڊ ڀرڻو پئجي ويو. گڏ ئي سندس نوڪري به وئي. پرڏيهي خابرو اداري موجب هلندڙ مهيني سنگاپور سان تعلق رکندڙ 29 ورهين جي برٿ گوپال کي ڏاڏَي جو جعلي ڊيٿ سرٽيفڪيٽ ٺهرائڻ جي ڏوهه ۾ 4 هزار ڊالر ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي. ٻڌايو پيو وڃي ته  نومبر 2023ع ۾ سنگاپور ۾ سڪيورٽي فنانسنگ آپريشن اينالسٽ جي عهدي تي ڪم ڪندڙ گوپال گرل فرينڊ پاران دوکو ملڻ تي ٽٽي ويو هو ۽ نوڪريءَ تان ڪجهه موڪلون وٺڻ جو سوچيائين، مايوس گوپال پنهنجي آفيس ۾ سالياني موڪلن مان 3 ڏينهن جي موڪل لاءِ درخواست ڏني، جنهن جي منظوري لاءِ گوپال ڌاڏَي جي موت جو ڪوڙو بهانو بڻايو. جڏهن گوپال کان سپروائيزر سندس ڏاڏي جو ڊيٿ سرٽيفڪيٽ گهريو ته گوپال سپر وائيزر کي ٻڌايو ته هو کيس انڊيا مان واپس اچڻ کان پوءِ ئي سرٽيڪفيٽ ڏئي سگهي ٿو. سپر وائيزر ڪجهه ڏينهن جي مهلت ڏني، جنهن تي گوپال پنهنجي هڪ دوست سان رابطو ڪيو، جنهن جو مائٽ جولاءِ ۾ فوت ٿي ويو هو. گوپال پاران دوست کي ڪهاڻي ٻڌائڻ بعد هن ڊيٿ سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيو ۽ ان تي پنهنجي ڏاڏي جي تصوير ۽ تفصيل اپ ڊيٽ ڪري آفيس اماڻي ڇڏيا. ان جي ڪجهه مهينن کان پوءِ گوپال پنهنجي استعيفا به پيش ڪئي ڇو جوگوپال کي خبر هئي هت سندس ڪوڙ گهڻي دير تائين نٿو هلي سگهي. اهڙي ريت هو پڪڙجي پيو. سنگاپور ۾ جعلي ڊيٿ سرٽيفڪيٽ جي ڏوهه جي سزا 10 هزار ڊالر  ۽ 10 سال قيد يا ٻئي سزائون ٿي سگهن ٿيون.