ڪراچي: سنڌ ۾ آڳاٽي خريف ۾ 71 کان 44 سيڪڙو پاڻي کوٽ هوندي ارسا اجگر جيڏا 2 فلڊ ڪئنال چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪئنال کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. سنڌ جو آبپاشي کاتو وري ارسا کي اعتراض وارا 2 خط لکي ماٺ ڪري ويهي رهيو. ان ڏس ۾ ارسا ۽ سنڌ آبپاشي کاتي جي ويب سائيٽن موجب سنڌو(انڊس) مان جهلم زون ۾ پاڻي پهچائيندڙ 12000 ڪيوسڪ گنجائش واري تونسا پنجند لنڪ ڪئنال کي 15 اپريل کان زبردستي کوليو ويو. اپريل ۽ مئي مهيني ۾ ٻوڏ توڙي 91ع ٺاھ موجب مختص حصو نه هوندي به ٽي پي لنڪ ڪئنال ۾ لاڳيتو 2981 کان 9942 ڪيوسڪ پاڻي وهايو ويو. ساڳئي ريت ڄشما جهلم لنڪ ڪئنال کي وري 26 اپريل تي کوليو ويو. انهي ڪئنال کي کولڻ بابت ارسا اختيارين جو چوڻ هو ته گريٽر ٿل ڪئنال جي 91ع ٺاھ ۾ 2 هزار ڪيوسڪ انڊينٽ منظور ٿيل آهي. گريٽر ٿل ڪئنال کي چشما جهلم لنڪ ڪئنال مان ئي پاڻي فراهم ٿيندو آهي. انهي ڪري سي جي کي گريٽر ٿل ڪئنال جو 2 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي. هوڏانهن 91ع ٺاھ ۾ زيرو پاڻي منظور هوندي ڊيرا غازي خان ڪئنال کي 21 اپريل کان کوليو ويو. جنهن کي شروعات ۾ 1700 ۽ 4 مئي کان 2 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڏنو ويو. 4 مئي کان تونسا بئراج مان نڪرندڙ هڪ ٻئي مظفر ڳڙهه ڪئنال کي کولي 91ع ٺاھ هيٺ حصو نه هوندي به 2 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو ويو.