ڪراچي( رپورٽ : فقير سليم) سنڌ جي تعليم کاتي پاران 20 سيڪڙو شاگرد ھلندڙ سال جي درسي ڪتابن کان محروم ھجڻ جو انڪشاف کين نومبر جي آخري ھفتي ۾ ڪتاب ڏيڻ جي خاطري ڪرائي وئي
ڪالھه ڪراچي جي آرٽس ڪائونسل ۾ ٿيل چوٿين لطيف آرٽ اينڊ لٽريچر فيسٽيول ۾ سنڌ جي تعليمي صورتحال تي ڳالهائيندي تعليم واري سيڪريٽري ڊاڪٽر شيرين ناريجو چيو ته سرڪاري آفيسرن لاءِ اھا مجموعي طور ذھنيت يا رويو آھي ته اھو ڪوڙو ھوندو پر ايئن ناھي، اشو بنيادي طور تعليم لاءِ اسين پاڻ آھيون جيڪي سڀ سمجهون ٿا ته اسين سڀ ماھر آھيون جيڪو بنيادي مسئلو آھي جيڪا مھارت آھي انھي کي سمجهڻ کان قاصر آھيون 42 ھزارن مان 32 ھزار اسڪول ھڪ ڪمري جا اسڪول آھن ھاڻي جيڪڏهن اسين ڪم ڪريون ٿا ته پھرين ته ھڪ ڪمري وارا اهي اسڪول بند ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آھي جيڪي نٿا ھلي سگھن اتي به استاد رکيا ويا آھن
شھري علائقن ۾ استاد اسڪولن ۾ نٿا وڃڻ چاھين شوڪاز ڏيڻ سان جيڪڏهن تعليم ٺيڪ ٿئي ٿي ته آئون ڪرڻ لاءِ تيار آھيان نه ته سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، سماج جي مثبت رويي جي ضرورت آھي سڀ ڪجهه خراب ناھي 4 ملين ٻار 11 ھزار خانگي اسڪولن ۾ پڙھن ٿا اھي به سنڌ جا ٻار آھن سماج کي پنهنجي ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي، سيشن جي ميزبان فضا پتافي ھئي جنهن جي سوالن جا جواب ڏيندي ياسرا آخوند چيو ته غربت سبب ٻارن جو وڏو تعداد اسڪولن کان ٻاهر آھي، سماجي رڪاوٽون پڻ تعليم ۾ رڪاوٽ وجھن ٿيون، پروفيسر اعجاز قريشي چيو ته نصاب تي ڪم نٿو ٿئي
ڪتاب پراڻا آھن ھاڻي ته پوري ملڪ ۾ ھڪ ئي نصاب جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي، ڪجھه گڏيل طور ٿي سگھي ٿو پر سمورو نٿو ٿي سگھي نه دنيا ۾ ھر سال نصاب تبديل ٿئي ٿو، ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو نصاب ۽ خانگي اسڪولن جو نصاب بلڪل مختلف آھي جيڪو ٻار جي ذھني اوسر ڪري ٿو، استاد جي تربيت ناھي، مستقل ڪميشن ھجي جيڪا نصاب جوڙي. محبوب شيخ چيو ته سنڌ ۾ 26 سرڪاري ۽ 44 خانگي يونيورسٽيون آھن، انھن جي مانيٽرنگ لاءِ سينڊيڪيٽ ۾ اڪثريت يونيورسٽي ملازمن جي آھي جڏهن ته مجموعي طور 14 سيشن ٿيا