سنڌ ۾15 مارچ کان پاڻي کوٽ 50 سيڪڙو تي پهچڻ جا امڪان: ايمرجنسي ڊڪليئر: وارا بندي ڪرڻ جي هدايت

0
20
سنڌ ۾15 مارچ کان پاڻي کوٽ 50 سيڪڙو تي پهچڻ جا امڪان: ايمرجنسي ڊڪليئر: وارا بندي ڪرڻ جي هدايت
سنڌ ۾15 مارچ کان پاڻي کوٽ 50 سيڪڙو تي پهچڻ جا امڪان: ايمرجنسي ڊڪليئر: وارا بندي ڪرڻ جي هدايت

سکر/ڪراچي/حيدرآباد(رپورٽ: ممتاز بخاري، فقير سليم ۽ منير راڄڙ) سنڌ ۾ 15 مارچ کان پاڻي کوٽ 50 سيڪڙو تي پهچڻ جا امڪان: ايمرجنسي ڊڪليئر، واهن جي وارا بندي ڪرڻ جي هدايت، ان ۾ ارسا پاران 7 مارچ تي چئني صوبن جي آبپاشي سيڪريٽرين کي خط لکي آگاهه ڪيو ويو آهي ته تربيلا ۽ منگلا ڊيم ڪجهه ڏينهن اندر ڊيڊ ليول تي اچي ويندا، جنهن بعد آبپاشي نظام کي رن آف رور (دريائي وهڪرن) تحت هلايو ويندو، ڪيچمينٽ ۾ برساتون نه پوڻ جي صورت ۾ صوبن ۾ پاڻي کوٽ 30  کان 50 سيڪڙو تائين پهچي ويندي. اهڙي صورتحال ۾ صوبائي آبپاشي کاتا فصل بچائڻ لاءِ  ضروري قدم کڻن، خط ۾ چيو ويو آهي ته پهرين آڪٽوبر کان 28 فيبروري تائين ربيع جي مند ۾ پاڻي کوٽ 16 سيڪڙو ٿيڻي هئي، سنڌ 16 بجاءِ 14 ۽  پنجاب 20 سيڪڙو کوٽ کنئي، ٻئي طرف آبپاشي کاتي جي ڊائريڪٽر  ريگيوليشن پاران سکر، گڊو ۽ ڪوٽڙي بئراجن جي چيف انجنيئرن ۽ سيڊا اختيارين کي خط لکي ڄاڻايو ويوآهي ته ڊيم خالي ٿيڻ بعد پاڻي فراهمي رڳو دريائي وهڪرن آڌار ٿي سگهندي، اهڙي هنگامي  صورتحال ۾ واهن جي وارابندي جو شيڊيول ٺاهي کاتي کي موڪليو وڃي، آبپاشي کاتي موجب ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) پڻ پنهنجي خط ۾ ڄاڻايو آهي ته ڪراچي جي 7 ضلعن سميت حيدرآباد، ٺتي، بدين، ٿرپارڪر، حيدرآباد، دادو، سکر، گھوٽڪي، خيرپور، شهيد بينظيرآباد، نوشهروفيروز، لاڙڪاڻو ۽ جيڪب آباد ۾ پاڻي کوٽ سبب سوڪهڙي واري صورتحال ٿي وئي آهي، اهڙي حالت ۾ انهن ضلعن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي، ٻئي طرف آبادگار اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ارسا ۽ سنڌ آبپاشي کاتي جي غلط رٿابندي ۽ آبادگارن کي پاڻي ذخيرن بابت اڳواٽ اطلاع نه ڏيڻ سبب اسان جا ربيع توڙي خريف متاثر ٿيندا. آبادگارن موجب ڪڻڪ جي بيٺل فصل لاءِ آخري پاڻي گھربل هوندو آهي، جڏهن ته ميرپورخاص، عمرڪوٽ، سانگھڙ، ٽنڊوالهيار ۽ بدين ضلعن ۾ وونڻن جي آڳاٽي پوکي پڻ 15 فيبروري کان   پهرين مارچ دوران شروع ٿي ويندي آهي. هنن چيو ته آبپاشي کاتو ملندڙ پاڻي مان بيٺل ڪڻڪ وارن ضلعن کي اوليتي بنيادن تي پاڻي فراهم ڪري جڏهن ته آڳاٽي خريف وارن ضلعن کي ٻي اوليت ۾ پاڻي فراهم ڪيو وڃي.