ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي سنڌ حڪومت کي صوبي جي 1600 يوسيز ۾ 800 سيڪريٽرين جي خالي پيل جاين کي ڀرڻ لاءِ نئين ڀرتي ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، مڪاني کاتي کي سنڌ جي سمورن مڪاني ادارن جي سمورن ملازمن جون پگهارون ۽ پينشن ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ ۽ يوسي سطح تائين ملازمن جي ڊيٽا فراهم ڪرڻ جو حڪم، ڪالهوڪي اجلاس ۾ مڪاني کاتي ۽ لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي سال 2019ع ۽ 2020ع جي آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو مڪاني کاتي کان پڇاڻو ڪيو ته سڄي سنڌ ۾ لوڪل ڪائونسلن جا ٽوٽل ڪيترا ملازم آهن؟ انهن ملازمن کي ڪهڙي مڪينيزم تحت پگهارون جاري ڪيون وينديون آهن، انهن لاءِ ملازمن جي ڊيٽا فراهم ڪريو، جنهن تي مڪاني کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري خالد حيدر شاھه ٻڌايو ته سنڌ جي سڄي لوڪل ڪائونسلن جي ملازمن جي ڊيٽا گڏ ڪئي پئي وڃي، ملازمن کي انٽيگريٽيڊ فنانشل سسٽم تحت راڊار تي آڻڻ لاءِ ڪم جاري آهي،پهرين مرحلي ۾ ڪراچيءَ ۾ انٽيگريٽيڊ فنانشنل سسٽم عمل ۾ آندو پيو وڃي، جنهن سان گوسڙو ملازمن کان ڇوٽڪارو حاصل ٿيندو. سنڌ جي مختلف ضلعن جا 80 هزار کان وڌيڪ ملازم اڃا تائين سيپ جي سسٽم ۾ موجود ناهن، جنهن تي پي اي سيءَ مڪاني کاتي کي سڄي سنڌ جي لوڪل ڪائونسلن جي ملازمن جي ڊيٽا فراهم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو. پي اي سي چيئرمين پڇاڻو ڪيو ته سڄي سنڌ جي 1600 يوسيز ۾ ڪيترا يوسي سيڪريٽري موجود آهن؟ هر يوسي سيڪريٽريءَ کي 5، 5 يوسيز جي واڌو چارج ڇو ڏني پئي وڃي؟ جنهن تي مڪاني کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ٻڌايو ته سنڌ جي 1600 يوسيز لاءِ رڳو 800 يوسي سيڪريٽري آهن،50 سيڪڙو سيڪريٽرين جي کوٽ سبب واڌو چارج ڏنيون وينديون آهن، جنهن تي پي اي سيءَ سنڌ حڪومت کي 800 يوسي سيڪريٽرين جون ڀرتيون ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي. اجلاس ۾ ڪاميٽيءَ جي ميمبر قاسم سراج پڇيو ته مڪاني کاتي ۽ مڪاني ادارن واري بورڊ ۾ مقررين ۽ بدلين جو ڪهڙو مڪينيزم آهي؟ هر ٻئي ڏينهن ملازمن ۽ آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون ڪيون پيون وڃن، جنهن تي بورڊ جي سيڪريٽري ڪنول نظام ڀٽو ٻڌايو ته لوڪل ڪائونسلن ۾ ميرٽ تي مقرريون ڪرڻ لاءِ شفاف نظام آڻڻ واري پاليسي جوڙي رهيا آهيون. اجلاس ۾ ڪاميٽيءَ جي ميمبر طحه احمد پڇاڻو ڪيو ته رٽائرڊ ملازمن کي پينشن ڇو نه پئي ڏني وڃي؟ جنهن تي مڪاني کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري خالد حيدر شاهه ٻڌايو ته لوڪل ڪائونسلن جو او زيڊ ٽي شيئر 80 مان وڌائي 160 ارب ڪيو آهي، هاڻ لوڪل ڪائونسلن کي پنهنجي او زيڊ ٽي شيئر مان رٽائرڊ ملازمن کي پينشن ڏيڻي آهي۔ ھن چيو ته آڪٽوبر 2023ع ۾ ڪي ايم سيءَ رٽائرڊ ملازمن کي اِهو چئي پينشن ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته ٽائون ميونسپل جي ملازمن کي ٽي ايم سيز پينشن ادا ڪنديون، سنڌ جي ناڻي کاتي جو چوڻ آهي ته پينشن جا پئسا ڪي ايم سي کي فراهم ڪري رهيا آهيون، اسان ناڻي کاتي کي لکيو آهي ته اِهو فيصلو ڪيو وڃي ته رٽائرڊ ملازمن کي پينشن ڪي ايم سيءَ يا ٽي ايم سيز ڏينديون؟ انهي معاملي بابت جلد فيصلو ٿيندو. پي اي سيءَ سڄي سنڌ جي لوڪل ڪائونسلن جي ملازمن جون پگهارون ۽ پينشن انٽيگريٽيڊ فنانشل سسٽم تحت ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو .
سنڌ جي سمورن مڪاني ادارن کان اين آءِ ٽيز جا تفصيل طلب
ڪراچي: سانگھڙ ۽ نوابشاھه ضلعي ڪائونسلن جي چيئرمينن پاران غيرقانوني طور تي 69 ڪروڙ جي ٽينڊرن تي صحيحون ڪرڻ وارو معاملوسامو اچڻ بعد مڪاني کاتي صوبي جي سمورين ميونسپل ڪارپوريشنز، ضلعي ڪائونسلن، ميونسپل ۽ ٽائون ڪاميٽين کان اين آءِ ٽيز جا تفصيل طلب ڪري ورتا، ان ڏس ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي ۾ سانگھڙ ۽ نوابشاھه جي ضلعي ڪائونسلن جي چيئرمينن پاران غيرقانوني طور تي اين آءِ ٽيز تي چيف آفيسرن بجاءِ پنهنجون صحيحون ڪرڻ وارو اسڪينڊل ظاهر ٿيڻ کانپوءِ پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي هدايتن تي مڪاني کاتي صوبي جي سمورين لوڪل ڪائونسلن ۾ اين آءِ ٽيز جاري ٿيڻ واري معاملي جا تفصيل فراهم ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل ٽائون ميونسپل ڪارپوريشنز، ضلعي ڪائونسلن، ٽائون ۽ ميونسپل ڪاميٽين کي خط لکي هدايت ڪئي آهي ته ٽن ڏينهن اندر اين آءِ ٽيز جا تفصيل جمع ڪرايا وڃن.