ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ 8 پوليس آفيسرن جون بدليون، ان ڏس ۾ آءِ جي سنڌ طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب غلام مرتضيٰ تبسم کي اسسٽنٽ آءِ جي انفارميشن ٽيڪنالاجي سي پي او ۽ ذيشان شفيق صديقي کي اي آءِ جي انٽرنل اڪائونٽيبلي بيورو مقرر ڪيو ويو. ايس ايس پي ايس آءِ يو جنيد شيخ کي بدلي ڪري اي آءِ جي ايم ٽي مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته غلام مصطفيٰ ڪورائي کي ايس ايس پي (ايس آءِ يو )ڪراچي ۽ شڪيل احمد سرفراز کي ايس پي (ڪرائيم اينڊ انويسٽيگيشن برانچ 3 ) مقرر ڪيو ويو، ٻئي طرف بشير بروهي کي ايس پي ٽيڪنيڪل/فارنزڪ اينڊ ايڪسپلوسو (سي ٽي ڊي) ۽ شمائل رياض ملڪ کي ايس پي (سي ٽي ڊي) آپريشن ون مقرر ڪيو ويو