ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ ۾ 78 لک ٻار اسڪول کان ٻاهر هجڻ جو انڪشاف، ذميوار ڪير ؟ ٻارن جي اسڪول ۾ داخلا ڪيئن وڌائي سگهجي ٿي ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته سنڌ سرڪار ۽ تعليم کاتو ذميوار آهي، جن جي لاپرواهي ۽ ڪرپشن جي ڪري تعليم تباهه ٿيندي پئي وڃي، والدين غربت جي ڪري به ٻار پڙهائڻ بدران انهن کان مزدوري ڪرائن ٿا، غربت ختم ڪئي وڃي، تعليمي داخلا وڌائڻ لاءِ جاڳرتا مهم هلائي وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي وحيد بروهي لکيو ته سنڌ اندر تعليم جي تباهي جا ذميوار ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ، ضلعي انتظاميا، چونڊيل نمائندا ۽ نااهل وزير ۽ مشير آهن، جيڪي پئسي جي عيوض ڀرتي ۽ بدلي ڪن ٿا نتيجي ۾ سنڌ جا هزارين اسڪول بند پيل آهن، جتي اسڪول بند پيل آھن، جتي استاد پڙھائڻ نٿا وڃن، ھنن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، بااثرن جي قبضن هيٺ اچي بند پيل اسڪول کولرايا وڃن، لکين ٻارڙن جو تعليمي مستقبل تباھه ٿيڻ کان بچي سگھي ٿو… شانل کوسو لکيو ته والدين جي لاءِ روزگار جا ذريعا نه هوندا ته والدين ٻارن کي اسڪول موڪلڻ جي بجاءِ دڪانن تي روزگار ڪرڻ لاءِ ئي موڪليندا. پڙهائڻ جي بجاءِ پيٽ پالڻ کي ئي اوليت ڏيندا. ڳوٺن ۾ اسڪول ۽ سهولتون نه هجڻ جي ڪري والدين. ٻارن کي مال ئي چارائڻ تي مجبور ٿيندا. جيسيتائين حڪومت تعليم، صحت، معاشي ذريعي عوام کي فراهم ڪونه ڪندي تيستائين ٻارڙا اسڪولن جي بجاءِ، گريجن، ٻنين، دڪانن، ۽ ريڙھين تي ئي ملندا. بابر وساڻ لکيو ته سڀ کان وڏو سبب غربت آهي غربت سبب هن وقت به لکين خاندانن جا معصوم ٻار گهرن کي هلائڻ لاءِ محنت مزدوري ڪن ٿا انهن جي تعليم تباهه ٿي رهي آهي، سارنگ منير سومرو لکيو ته سنڌ سرڪار ۽ تعليم وارو وزير ذميوار آھن جن تعليم کاتي کي ڪرپشن ۽ نمائشي سڌارن جو دڪان بڻائي تعيلم کي تباهي جي ان ڪناري تي پھچايو آھي جتان ڪو به سھارو ملڻ ممڪن ناھي، گلزار ملاح لکيو ته سنڌ حُڪومت استادن کان ٻيا ڪَم وَٺي ٿي آدمشماري اليڪشن جي ڊيوٽي وغيره ته سنڌ حُڪومت تعلقي سطح تي استادن جي هڪڙي ڪاميٽي جوڙن جيڪي ڳوٺ ڳوٺ وڃي اتان جي ڳوٺاڻن سان تعليم جي اهميت تي ڪچهري ڪن ۽ ڳوٺاڻن تي زور ڏين ته هُو ٻارن کي اسڪول ۾ داخل ڪرائين، سارنگ راجا لکيو ته ٻهراڙي ۾ تعليم جو نظام مڪمل غير فعال آهي هڪڙي اسڪول ۾ جتي 100 کان 200 ٻار آهن اُتي صرف هڪڙو استاد مقرر آهي، سنڌ ۾ استادن جون ڀرتيون ته ڪيون وڃن ٿيون پر اهي ڪنهن وڏي ماڻهو جي آشيرواد سان ڊيوٽي نٿا ڪن، فقط پگهار کڻن ٿا، سنڌ جا هزارين اسڪول بند پيل آهن، جيڪي هلن ٿا اُتي استاد ناهن پوءِ ٻار ڪٿان تعليم حاصل ڪندا، پرائيوٽ اسڪولن کي کُلي ڇوٽ مليل آهي جن ۾ سرمائيدار طبقي جو ٻار ته پڙهي سگهي ٿو پر غريب طبقي جو ٻار نٿو پڙهي سگهي، انهن جون فيسون ايتريون ته ڳريون آهن جو هڪ غريب اها ادا نٿو ڪري سگهي پوءِ اهي ٻار ڪنهن دڪان يا ڪنهن وٽ پگهار تي ڪم ڪندي نظر ايندا آهن.، عمران علي جمالي لکيو ته 75 سال گذري ويا هر ڪنهن کي ڏوهه ڏيندي وقت ڪنهن جي لاءِ نه ٿو بيهي، هر انسان جيڪو پاڻ کي شعور وارو سمجهي چاهي ڪهڙي پارٽي سان تعلق هجي، هر انسان تي فرض آهي ته اوڙي پاڙي جي وڏن کي راضي ڪن ته اهي پنهنجا ٻار اسڪول ۾ داخل ڪن، موهن لال لکيو ته سنڌ ۾ 78 لک ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن انهي جو ذميوار تعليم کاتو آهي جنهن وٽ جهجهي بجيٽ ضرور آهي پر اها ڪرپشن جي ور چڙهيل آهي نتيجن تعليم تباھه آهي، ٻارن کي اسڪول اماڻڻ لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا پئسا ڏنا پيا وڃن پر ٻار داخل آهن ۽ اسڪول نٿا وڃن حالانڪه ٿيڻ ايئن گهرجي ته اسڪولن ۾ بهتري آندي وڃي انهي لاءِ يوسي سطح تي بورڊنگ اسڪول قائم ڪيا وڃن جتي بهترين رهائش کاڌ خوراڪ توڙي صحت جي سهولت ۽ ڪوالٽي واري تعليم سان ٻارن جو مستقبل روشن ٿي سگهي ٿو، نويد خان لکيو ته ھي اھي ٻار آھن جيڪي صرف پرائمري جا پنج درجا پڙھي پوءِ ڪنھن روزگار/ ڌنڌي ۾ مصروف ٿي وڃن ٿا، حڪومت پاڻ ئي اعتراف ڪيو آھي ته 90 سيڪڙو صرف پرائمري اسڪول آھن، جيڪڏھن پرائمري اسڪولز جي تعداد برابر يا اڌ تي به ھائيرسيڪنڊري اسڪول قائم ڪيا وڃن تڏھن به اسڪول نه ايندڙ ٻارن جو ريشو ڪافي حد تائين گھٽجي ويندو، ھي جيڪو 78 لک ٻارن جو تعداد آھي انھن ۾ ڪافي ٻار اھڙا به آھن جن جي عمر 10 کان 15 سال آھي، سنڌ حڪومت ھر آئي ڏينھن ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ نوان اصول ۔تجربا ۽ حڪمت عملي متعارف ته ڪرائي ٿي پر انھي تي عمل نه ٿو ٿئي ۽ پرائيويٽ تعليمي ادارن کي به ھٿ سان مافيا بڻايو ويو آھي، جيڪڏھن ھڪ ئي اسڪول ۾ پرائمري کان وٺي ميٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪرڻ جي سھولت ھجي ته پوءِ ڪوبه ٻار صرف ٻه کان ٽي درجا پڙھي اسڪول نه ڇڏيندو، اڪبر رحمان ٿهيم لکيو ته سنڌ ۾ تعليم نه هئڻ برابر آهي جيڪڏهن تعليم سڌارڻ ۾ هڪ اهم ڪردار والدين جو هجي ٿو جيڪڏهن پنهنجن ٻچن کي اسڪول وڃڻ کان مٿن نظر به رکڻ گهرجي ۽ اسڪول وڃي انهن جي استادن سان ملاقات ڪن ته جيئن انهن اسڪولن ۾ مقرر استاد به پڙهائي طرف ڌيان ڏين. عبد آريسر لکيو ته تعليمي حوالي سان سنڌ بھتر رھي آھي ۽ بھتر ٿيندي، ھر ڊپارٽمينٽ ۾ سفارشي ڪلچر آھي صوبائي حڪومتن جي ڀاڱي ڀائيوار جيالن جي ڳوٺن وارين اسڪولن کي ترجيع ڏئي ھر سھولت ميسر آھي ۽ ٻين اپوزيشن يا مختلف فڪر سان لاڳاپيل وجودن جي اولاد سان سراسر ناانصافيون ڪيون پيون وڃن، انھن جي اسڪولن ۾ ٻار آھن ته سوين پر استاد صرف ھڪ آھي، نائب علي لکيو ته اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي والدين جو غريب هئڻ وڏي ۾ وڏو سبب آهي جنهن ڪري ٻار اسڪول ۾ داخل نٿا ٿا سگهن، ننڍڙي گلن جهڙن معصومن کي هوٽلن تي برتن ڌوئيندي ڪٿي درزڪو ڪم ته ڪٿي مسترين جا پانا صاف ڪندي ڏٺو ويندو آهي انهن سڀني شين جي جڙ انهن جي والدين جو معاشي قتل ۽ بيروزگاري جي شرح جو وڌيڪ هجڻ آهي، اي ڊي بجير لکيو ته سڀ کان پهرين ذميواري والدين جي آهي جيڪي هڪ ته غربت سبب ٻارن کي اسڪولن ڏانهن موڪلڻ جي بجاءِ روزگار لڳائڻ لاءِ مزدوري لاءِ ننڍي هوندي کان ئي لڳائين ٿا ٻيو ته والدين ۾ تعليمي حوالي سان ايتري سجاڳي ناهي، سو سنڌ ۾ وڌ کان وڌ تعليمي حوالي سان ٻهراڙين ۾ جاڳرتا پکيڙڻ جي ضرورت آهي، پريتم ڪمار لکيو ته افسوس ! غربت ختم ڪيو سڀ ٻار اسڪول ۾ ھوندا، سڀ پنهنجي پيٽ خاطر مزدوري ۾ لڳا پيا آهن ڪٿي ھوٽلن تي دڪانن تي ريڙھن تي ڪچري جي ڍيرن تي، حرا هاليپوٽو لکيو اسان سڀ ان جا ذميوار آھيون فقط حڪومت نه بلڪي اڄ جي دور ۾ ٻار غريب جو ليبل کڻي جتي وڏو ٿئي پيو ھتي انکي اسڪول نه بلڪي نوڪر ٿيڻ يا ھاري ٿي گھر ھٿ ونڊائڻ طرف موڪليو ٿو وڃي، ديا رام لکيو ته تعليم کاتو ۽ حڪمران ذميوار آهن جيسين هڪ سليبس تعليمي نظام مروج نه ڪبو اهو ئي ٿيندو، غلام حسين ڀنڀرو لکيو ته سنڌ حڪومت ذميوارآهي، گل حسن شر لکيو ته سنڌ ۾ ھڪ اسڪول ته جام آھن ھڪ ڏيڍ ڪلوميٽر تي اوھان کي سرڪاري اسڪول ضرور ملندو پر اصل مسئلو آھي غربت ماڻھو پنھنجي ٻارن کي پڙھائڻ بدارن مزدوري تي موڪلين ٿا آٽوز ورڪشاپ ۽ دڪاندارن وٽ مزدوري لاءِ موڪلين ٿا، ان جو سبب آھي ماڻھن وٽ روزگار جا ذريعا نه ھجڻ آهي، بشير ميراڻي لکيو ته ذميوار سنڌ حڪومت آهي، سرڪاري اسڪولن ۾ سهولتن جي کوٽ آهي، ان سان گڏ استادن جي پوئيواري نٿي ڪئي وڃي، ديدار بلوچ لکيو ته سنڌ اندر تعليم جي تباھي پٺيان سنڌ سرڪار سان گڏ اسان به ذميوار آھيون، ارشاد ميراڻي لکيو ته سنڌ ۾ 78 لک ٻار اسڪول کان ٻاهر هجڻ هڪ ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي، جيڪا مستقبل ۾ نه صرف تعليمي بحران پيدا ڪري سگهي ٿي، پر سماجي ۽ معاشي مسئلا به جنم وٺي سگھي ٿو. دليپ ميگهوار، اسد نظام چانڊيو، مجاهد بنگلاڻي، طارق علي باجڪاڻي، سمير احمد، ممتاز علي سميجو راجا رميش، انور علي چانڊيو، ضمير حسين، راشد علي، حنيف رودناڻي، اسد نوناري، عبيد سومرو، مير مولا بخش لغاري، رياض ڪولاچي، برڪت علي لغاري، نقاش پيرزادو، ايم آچر مستوئي، ڪمل سنگهه ڀيل، ايم هاشم ابڙو، عبدالواجد بلوچ، ايم فياض وساڻ، بلاول جان پالاري، سيف الله، ڪيول رام راٺوڙ، عمران ان، غلام قادر، چنا عامر علي، راجڪمار اوڏ، سنڌي نديم، قربان ميراڻي، عبدالله کوسو، صلاح زاده سليم، ڪمال ساگر ڪمار، معشوق سولنگي، عمر سنڌي، سنتوش ڪمار،ملڪ غوث بخش، مير احمد، عبدالوحيد کوسو، قادر بخش زئور، دلاور سميجو، نماڻو نوناري، محمد آصف، ارسلان، نياز ڀيو، عبدالستار لنڊ، قاسم خاصخيلي، مير شاهه محمد بلوچ، عبدالستار لنڊ، ديشي اياز، اي قيو شاهاڻي، راجا بلوچ، صابر ميمڻ، خالد گل، نعمان نوناري، فقير ملهار ڪنڀر، راشد عباس، بشير سنڌي، اعجاز علي، فرهاد علي، ارشد علي جوڻيجو، مهر اي جبار، امين فهيم زئور، اصغر حسين، شاهد بلوچ، نويد خان، اسد زرداري، بيوس اربيلو ڏاهاڻي، عامر ساگر، احسان لغاري، رياض ڪولاچي، منصور علي، بلاول جان پالاري ۽ ٻين به سروي ۾ حصو ورتو.