سکر(رپورٽ: ممتاز بخاري) سنڌ ۾ 70 سيڪڙو کوٽ برقرار: واپڊا اختيارين پاران منگلا ڀرڻ جو سسلسلو جاري، ان ڏس ۾ چشما وٽان سنڌ لاءِ ڇڏيل 32000 ڪيوسڪ پاڻي گڊو وٽ گهٽجي 16646 ڪيوسڪ ٿي پهتو، ڪالهه چشما بئراج جا هيٺيان وهڪرا 32000 ڪيوسڪ هئا، جڏهن ته تونسا وٽان 30342 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو، سنڌ جي پهرين بئراج گڊو وٽ 16646 ڪيوسڪ پاڻي ريڪارڊ ڪيو ويو، هوڏانهن سکر بئراج تي 71 ۽ ڪوٽڙي بئراج تي 65 سيڪڙو کوٽ رهي، سکر بئراج جي مٿاهين پاسي 16455 ۽ ڪوٽڙِي بئراج وٽ وهڪرا 4630 ڪيوسڪ تي پهتل آهي. هوڏانهن ارسا پاران ڄاڻايو ويو آهي ته ملڪ ۾ مجموعي پاڻي کوٽ 43 مان وڌي 45 سيڪڙو ٿي وئي آهي، پنجاب 56 ۽ سنڌ 32 سيڪڙو کوٽ کڻن پيا سنڌ کي 32000 ۽ پنجاب کي 29300 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ٿي رهيو آهي، ٻئي پاسي سنڌ جي آبپاشي کاتي جي انگن اکرن موجب سنڌ ۾ کوٽ 70 سيڪڙو کان مٿي کوٽ آهي، جائزي دوران اها ڳالهه سامهون آئي ته واپڊا اختيارين سنڌ مان ٿيندڙ تنقيد بعد تربيلا جو ڇوڙ وڌائي ڇڏيو، ڪالهه ڊيم جو انفلو 16800 ۽ آئوٽ فلو 20000 ڪيوسڪ هو، 8.02 فوٽ پاڻي ذخيري سان تربيلا جي سطح 1410.62 فوٽن تي پهتل هئي، هوڏانهن چشما ڍنڍ پڻ 5 فوٽ ڀريل هئي، جڏهن ته منگلا ڊيم 36.7 فوٽن جي پاڻي ذخيري سان 1086.7 فوٽن تي پهتل هو .