اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڻي مامرن جي وزارت جي انتظام هيٺ فلڊ ٽيلي ميٽري بابت نيشنل ماسٽر پلان جاري ڪرڻ جي حوالي سان اسٽيڪ هولڊرز جي تقريب ٿي، پاڻي مامرن جي وفاقي وزير احمد عرفان اسلم فلڊ ٽيلي ميٽري بابت نيشنل ماسٽر پلان جو آغاز ڪري ڇڏيو، فيڊرل فلڊ ڪميشن (ايف ايف سي) ۽ واپڊا گڏيل طور تي پاڻي مامرن جي وزارت ۽ ايشيائي ترقياتي بينڪ جي تعاون سان تقريب منعقد ڪئي، تقريب ۾ پاڻي مامرن جي وفاقي سيڪريٽري سيد علي مرتضيٰ، چيئرمين فلڊ ڪميشن آصف ڪمال، ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر سميت سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي، پاڻي مامرن جي نگران وفاقي وزير احمد عرفان اسلم چيو ته هن منصوبي ۾ ٽوٽل 707 فلڊ ٽيلي ميٽري اسٽيشنز لڳايون وينديون، فيز هڪ ۾ چئني صوبن ۾ 457 ٽيلي ميٽري اسٽيشنون مناسب جاين تي لڳايون وينديون، پنجاب ۾ 151، سنڌ ۾ 46، خيبر پختونخوا ۾ 136، بلوچستان ۾ 207، گلگت بلتستان ۾ 84 ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 83 ٽيلي ميٽرڪ اسٽيشنون لڳايون وينديون، هن چيو ته جديد ٽيلي ميٽري آلات جي شموليت ۽ ريئيل ٽائيم هائيڊرو ميٽرولاجيڪل ماپ سان ٻوڏ جي درست اڳڪٿي ڪرڻ ممڪن هوندي.