ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پرائيويٽ سيڪيورٽي گارڊن جي فائرنگ ۾ شهرين جي  مارجڻ وارن واقعن بعد گهروکاتي پاران 31 نجي سيڪيورٽي ڪمپنين تي بندش وجهڻ خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي ٿي، عدالت درخواست  تي وڪيلن کان دليل طلب ڪري ورتا، ٻڌڻي دوران درخواست گذار الفتح سيڪيورٽي سروس جو چوڻ هو ته اسان جي ڪمپني کي  بنا ڪنهن اطلاع جي بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اسان وٽ سڀئي قانوني دستاويز ۽ اجازت ناما موجود  آهن، هن چيو ته جن ڪمپنين جي گارڊن شهرين تي فائرنگ ڪئي، حقيقت ۾ انهن کي بند ڪيو وڃي ها، باقي 31 ڪمپنين ڪهڙو ڏوھ ڪيو آهي؟ هن چيو ته سيڪيورٽي ڪمپنيون بند ٿيڻ سان هزارين نوجوان بيروزگار ٿي ويا آهن.