ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ 27 نومبر کان ستن ڏينهن لاءِ پوليو مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. 5 سالن کان گھٽ ڄمار جي 1 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا. ان حوالي سان سنڌ جي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم جي صدارت ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾  ايمرجنسي آپريشن سينٽر جي ڪو آرڊينيٽر ارشاد سوڍڙ ٻڌايو ته پوليو جا ٻه ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جيڪا ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي. هن چيو ته پوليو مهم جي حوالي سان عملي جي تربيت سميت سيڪيورٽي جا سمورا انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن.