ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه پهرين مرحلي ۾ بينظير انڪم وٽ رجسٽرڊ 2 لک مستحق گهراڻن کي 50 هزارن وارو سولر سسٽم 6 هزارن ۾ مهيا ڪرڻ ۽ آبادگارن کي 20 لکن جي ماليت وارن سولر ٽيوب ويلن تي سبسدي ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، ڪالهه هتي سولر ورھائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته سنڌ حڪومت گرين انرجي پروگرام ذريعي سماجي ۽ اقتصادي پائيدار ترقي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. ٿرڪول ۽ 1845 ميگا واٽ جي جھمپير ونڊ ڪوريڊور کي ترقي ڏياري وئي آهي، 40 پبلڪ سيڪٽر عمارتن، جن ۾اڪثر اسپتالون آهن، کي 26 ميگاواٽ جي گنجائش وارين سولر پينل ڇت سان ليس ڪيو ويو آهي، 352 ڳوٺاڻن صحت مرڪزن کي ٽن ڪلو واٽ جي معياري سولر سسٽم سان سولرائيز ڪيو ويو آهي. سرڪاري اسڪولن، ڪاليجن، بنيادي صحت مرڪزن، جيلن ۽ سرڪاري عمارتن ۾ سولر پينل لڳائڻ جي 24 اسڪيمن تي ڪم جاري آهي. هلندڙ سال 656 سرڪاري اسڪولن کي سولر انرجي سان ليس ڪيو ويندو. هن چيو ته توانائي کاتي 300 يونٽن تائين بجلي استعمال ڪندڙ گهرن جا انگ اکر گڏ ڪيا آهن، جنهن ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته 26 لک گهرن کي بجلي جي سهولت ناهي. 24 لک گهرن جي گهرج 100 يونٽن کان گهٽ آهي، 0.37 ملين گهراڻا 200 يونٽن کان گھٽ ۽ 0.498 ملين گهراڻا 300 يونٽن کان گھٽ استعمال ڪن ٿا. اسان پارٽي منشور تي عمل ڪندي پنجن سالن ۾ سڄي سنڌ سولر ڪنداسين، هن وڌيڪ چيو ته هيل بجيٽ ۾ 10 ارب رپيا رکيا ويا آهن. توانائي واري وزير سيد ناصر شاهه چيو ته 2 لک گهراڻ ورهائجندڙ سولر هوم سسٽم ۾ 80 کان 100 واٽ جي سولر پي وي پليٽ، 18 ايڇ جي ليٿيم آئن بيٽري، هڪ ڊي سي فين، 3 ايل اي ڊي بلب ۽ موبائل چارجنگ شامل هوندي. هن وڌيڪ چيو ته سسٽم جي لاڳت لڳ ڀڳ 50,000 رپيا آهي جنهن ۾ ٽرانسپورٽ، ٽيڪس ۽ ڊيوٽيون شامل آهن، گهٽ آمدني وارن خاندانن کي 80 سيڪڙو رعايت ڏني ويندي. هر هڪ فائدو ماڻيندڙ 6000 رپيا ٽوڪن رقم ادا ڪندو. هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت سولر پاور ٽيوب ويل لڳائڻ لاءِ ننڍن هارين کي قرض ڏيڻ ۽ سندن هلندڙ ٽيوب ويلن کي شمسي توانائي ۾ تبديل ڪرڻ واري منصوبي تي ڪم ڪيو آهي. ڪالھ اجلاس ۾ هن چيو ته بجلي اگهن ۾ واڌ سبب ننڍا آبادگار ۽هاري دٻاءُ جو شڪار آهن، اهي پنهنجا ٽيوب ويل هلائي نٿا سگهن سيڪريٽري توانائي مصدق خان ٻڌايو ته شمسي توانائي سان هلندڙ هر ٽيوب ويل تي لڳ ڀڳ 20 لک رپيا لاڳت ايندي. آبپاشي وزير ڄام خان شورو سندس کاتي جا 5070 ٽيوب ويل آهن، جن مان 4323 کي سولر تي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. جڏهن ته 159 مان 132 پمپنگ اسٽيشنن کي 132 کي سولر انرجي تي منتقل ڪرڻ جي ضرورت آهي. وڏي وزير توانائي، زراعت، آبپاشي ۽ ناڻي واري کاتن کي هدايت ڪئي ته گنجائش جي بنياد تي شمسي توانائي سان هلندڙ ٽيوب ويلن لاءِ هڪ معياري خاڪو تيار ڪرڻ لاءِ تفصيلي پاليسي تيار ڪئي وڃي. پاليسيءَ ۾ زمين جي سائيز ۽ مالياتي ماڊل لاءِ ضرورتن کي شامل ڪرڻ گهرجي، جنهن ۾ هارين جي سهڪار ۽ حڪومتي تفصيل سان شامل هجي. هن چيو ته حڪومت شمسي توانائي سان هلندڙ ٽيوب ويلن کي لڳائڻ لاءِ 1.076 ارب رپيا رکيا آهن.