ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس امجد سهتو چيو آهي ته ڪراچي ۾ سوپاريون وڪرو ڪندڙ پوليس کي ٻه ڪروڙ ڏين ٿا، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور ۽ شڪارپور وارا ڇا ڪن؟ پوليس جا جاچ آفيسر رڙيون ٿا ڪن ته اسان وٽ ڪيسن جي جاچ لاءِ فنڊ ناهن، اوهان ڪيسن جي جاچ واري رقم سڌو سنئون ٿاڻن کي ڇو نٿا ڏيو؟ ڪراچي جي آرام باغ ٿاڻي جي حد ۾ نينگريءَ سان زيادتي واري ڪيس جي جاچ صحيح نه ٿيڻ تي عدالتي حڪم تي آءِ جي سنڌ رفعت مختار پيش ٿيو، ان موقعي تي جسٽس امجد سهتو ريمارڪس ڏيندي چيو ته آءِ جي صاحب؟ گذريل 15 سالن ۾ دوران سنڌ ۾ جيڪا تباهي آئي آهي، اها ڪٿي به نه ٿي آهي، عدالت چيو ته جاچ لاءِ فنڊ هر ضلعي ( ايس پي آفيس )کي ڏيڻ بدران سڌو سنئون ٿاڻي کي ڇو نٿا ڏنا وڃن؟ توهان ٿاڻن کي جاچ لاءِ پئسا ڏيندا ته انھن کان جواب به طلب ڪري سگھجي ٿو، هن وقت ڪيسن جي انويسٽيگيشن لاءِ جاچ آفيسر کي هڪ هٿ سان چيڪ ڏئي ٻئي هٿ سان واپس ورتو وڃي ٿو، جاچ آفيسر چون ٿا ته اسان کي فنڊ نٿا ملن، اسان جاچ لاءِ پنهنجي کيسي مان پئسا ڇو خرچ ڪريون؟ عدالت چيو ته خبر ناهي ته توھان چئن ڇهن مهينن کان پوءِ ڪٿي هوندا پر ويندي ويندي سنڌ جي عوام تي احسان ڪندا وڃو، سنڌ جي عوام جون نظرون اوهان تي آهن، اوهان اهي فنڊ ٿاڻن کي منتقل ڪريو، ان موقعي تي آءِ جي سنڌ عدالت کي ٻڌايو ته ٻن چئن مهينن کانپوءِ سنڌ ۾ شيون تبديل ٿيندي نظر اينديون، سسٽم جون خاميون ختم ڪبيون، هاڻ ڪارروائي نظر ايندي، ٻڌڻي دوران جسٽس امجد سهتو چيو ته ڪراچي ۾ ته جاچ آفيسر ڪجهه نه ڪجهه ڪن ٿا، هتي سوپاريون وڪرو ڪندڙ به پوليس کي ٻه ڪروڙ ڏئي ٿو پر شڪارپور، ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور ۾ سوپاريون وڪرو ڪرڻ وارو به ناهي، عدالت جوابدارن خلاف فائلون ته گڏ ڪندي رهي ٿي پر ڪٿي به ثبوت نه ٿا ملن، اسان ڳولي ڳولي ٿڪجي پوندا آھيون، جوابدارن خلاف ڪو به ثبوت پيش ناهي ڪيو ويندو، جڏهن جوابدار آزاد ٿي وڃن ٿا ته ٻئي ڏينهن بيان اچي ٿو ته اسان ( پوليس طرف اشارو) جوابدارن کي پڪڙيون ٿا پر عدالت جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏي ٿي. آءِ جي سنڌ رفعت مختار عدالت کي جاچ واري مرحلي ۾ ٿيندڙ ڪوتاھين کي فوري طور حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، عدالت زيادتي واري ڪيس ۾ جوابدار فرهاد جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي.