ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ پ پ حڪومت قائم ٿيڻ بعد پوليس ۾ ايس ايس پي سطح جي آفيسرن جون مقرريون ۽ بدليون، 13 ضلعن جا ايس ايس پيز تبديل ڪيا ويا. آئي جي سنڌ طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب  ايس ايس پي جاچ سينٽرل حفيظ الرحمان کي بدلي ڪري ايس ايس پي اولهه ڪراچي مقرر ڪيو ويو، ايس ايس پي بدين روحل کوسو کي بدلي ڪري ايس ايس پي گهوٽڪي مقرر ڪيو ويو جتي اڳ ۾ مقرر ڪيل انور کيتران کي سي پي او رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. نوٽيفڪيشن موجب ايس ايس پي سکر زبير نظير شيخ کي بدلي ڪري ايس ايس پي خيرپور مقرر ڪيو ويو. اهڙي طرح سمير نور کي ايس ايس پي سکر مقرر ڪيو ويو،سليم شاهه کي ٽنڊو محمد خان مان بدلي ڪري ايس ايس پي جيڪب آباد مقرر ڪيو ويو، قمر جسڪاڻي کي ايس ايس پي بدين مقرر ڪيو ويو، عديل چانڊيو کي ايس ايس پي ٺٽو مقرر ڪيو ويو جتان آفتاب نظاماڻي کي سي پي او رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. نوٽيفڪيشن موجب عبدالخالق کي عمرڪوٽ مان بدلي ڪري ايس ايس پي سجاول مقرر ڪيو ويو، جتي اڳ ۾ مقرر شهلا قريشي کي سي پي او رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. اهڙي ريت آصف رضا کي ڪورنگي انويسٽيگيشن مان بدلي ڪري ايس ايس پي عمرڪوٽ مقرر ڪيو ويو. نوٽيفڪيشن موجب سيد امداد علي شاهه کي ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان مقرر ڪيو ويو. صدام خاصخيلي کي ايس ايس پي نوشهروفيروز مقرر ڪيو ويو، جتي اڳ ۾ مقرر سهائي عزيز ٽالپر کي سي پي او رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. اعجاز احمد شيخ کي ايس ايس پي سانگهڙ مقرر ڪيو ويو، اسد چوڌري کي ايس ايس پي ميرپورخاص مقرر ڪيو ويو، جتان عادل ميمڻ کي سي پي او رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي