لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) نثار کهڙو چيو آهي ته وزيراعظم پاڪستان ۽ اليڪشن ڪميشن سنڌ جي عوام جي خدشن جو ازالو ڪن نه ته سنڌ ۾ احساس محرومي وڌيڪ وڌندو، پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ۽ وفاقي حڪومت ٻڌائي ته ڪهڙي آئين ۽ قانون تحت سنڌ جي ترقياتي منصوبن کي روڪي انهن منصوبن جا فنڊ بند ڪيا ويا آهن، جڏهن ته آئيني ۽ قانوني طور تي جيستائين اليڪشن شيڊول جاري  ٿيڻ کان پوءِ ڪنهن به نئين اسڪيم جو اعلان نه ٿو ڪري سگهجي، هن چيو ته اليڪشن شيڊول کان اڳ سنڌ ۾ ترقياتي فنڊ بند ٿيڻ سنڌ ۽ سنڌ جي عوام سان زيادتي آهي، ڇاڪاڻ ته اِهي منصوبا ۽ انهن تي فنڊ بجيٽ ۾ منظور ڪرڻ کان پوءِ رکيا ويا هئا ان لاءِ انهن کي بند ڪري نه ٿو سگهجي، هن چيو ته تڪبندين سان ترقياتي منصوبن جو ڪو به واسطو ناهي ته پوءِ سنڌ جي ترقياتي منصوبن جا فنڊ ڇو بند ڪيا ويا آهن، نثار کهڙو چيو ته سنڌ 70 سيڪڙو روينيو ادا ڪرڻ وارو صوبو آهي ۽ سنڌ جي ترقي روڪڻ ملڪ کي معاشي طور تي ڪمزور ڪرڻ برابر عمل هوندو.