ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ سرڪار پاران آءِ ايم ايف جي شرطن سبب امدادي اگھه تي ڪڻڪ خريد نه ڪرڻ سبب سنڌ جا آبادگار ۽ هاري اوپن مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ 2200 کان 2300 رپيا في مڻ وڪرو ڪرڻ تي مجبور، سنڌ ۾ ڪڻڪ جي سالياني کپت 48 لک ٽن ۽ هيل ڪڻڪ جي اُپت رڳو 31 لک ٽن لهڻ سبب اٽي جي کوٽ پيدا ٿيڻ جو امڪان، سرڪار وٽ ذخيرو ٿيل 13 لک 37 هزار ٽن پراڻي ڪڻڪ رليز ڪرڻ باوجود گھُرج جو پورائو نه ٿيڻ جو خدشو، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب آءِ ايم ايف جي شرطن سبب وفاق ۽ ٻين صوبن جيان سنڌ حڪومت پاران به امدادي اگهه تي ڪڻڪ خريد نه ڪرڻ سبب سنڌ جا آبادگار ڪڻڪ اوپن مارڪيٽ ۾ 2200کان 2300 رپيا في مڻ  تائين وڪرو ڪرڻ تي مجبور آهن. زراعت کاتي ۽ آبادگار تنظيمن کان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ ۾ ڪڻڪ جي سالياني کپت 48 لک ٽن هجي ٿي، ايوان زراعت موجب هيل ڪڻڪ جي ڪُل اپت 31 لک ٽن مس لٿي آهي. سنڌ حڪومت وٽ گذريل سال جي خريد ڪيل 13 لک 37 هزار ٽن ڪڻڪ پڻ ذخيرو پيل آهي،  انهي باوجود هيل 4 لک ٽن تائين ڪڻڪ جي کوٽ ٿيندي، ٻئي طرف ايوان زراعت جي اڳواڻ زاهد ڀرڳڙي “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ ۾ هر سال 44 لک ٽن ڪڻڪ لهندي آهي پر هيل رڳو 31 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ لٿي آهي. هن چيو ته گذريل سال سنڌ حڪومت 4 هزار رپيا في مڻ واري امدادي اگهه تي ڪڻڪ خريد ڪئي هئي پر هيل ڪڻڪ ڪو به اگھه مقرر نه ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي وري سرڪاري سطح تي ڪڻڪ جي خريداري ڪئي پئي وڃي، اهڙي صورتحال ۾ اوپن مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ 2200 کان 2300 رپيا في مڻ ڪڻڪ خريد ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هيل زرعي دوائون ۽ ڊي اي پي پڻ مهانگا مليا آهن ، انهي باوجود سرڪار آبادگارن کي اڪيلو ڇڏي ڏنو آهي. هن چيو ته مناسب اگهه نه ملڻ ڪري اڪثر آبادگارن آڪٽوبر ۾ ڪڻڪ نه پوکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن سان   ايندڙ سال ڪڻڪ جو وڏو بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي.

فلور ملن کي سستي ڪڻڪ ڏيڻ تان ڪروڙن جي نقصان جا امڪان

ڪراچي: سنڌ حڪومت وٽ گذريل سال جي 4 هزار رپيا في مڻ واري اگهه تي خريد ڪيل ڪڻڪ جو 13 لک 37 هزار ٽن ذخيرو پيل، سيپٽمبر کان فلور ملن ۽ اٽي چڪي مالڪن کي گھٽ ريٽ تي ڪڻڪ جاري ڪرڻ جي امڪان سبب سرڪار کي ڪروڙين رپين جو نقصان برداشت ڪرڻو پوندو، ان حوالي سان معلوم ٿيو آهي ته گذريل سال سنڌ سرڪار  ڪڻڪ 4 هزار رپيا في مڻ واري اگهه تي خريد ڪئي هئي. هن وقت سنڌ خوراڪ کاتي وٽ 13 لک 37 هزار ٽن ڪڻڪ ذخيرو ٿيل آهي، ان حوالي سان خوراڪ کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته ايندڙ 4 کان 5 مهينن ۾ اها ڪڻڪ فلور ملز ۽ اٽي چڪي مالڪن کي رليز ڪرڻ کان اڳ اگھه بابت سنڌ ڪابينا کان منظوري ورتي ويندي. سنڌ ڪابينا جيڪو اگھه مقرر ڪيو، انهي اگھه تي فلور ملز ۽ اٽي چڪي مالڪن کي ڪڻڪ رليز ڪئي ويندي.

 

فوڊگدامن ۾ پيل ڪڻڪ ريڪارڊ ۾ هڪڙي ۽ فزيڪل ويريفڪيشن ۾ گھٽ هجڻ جا اسڪينڊل  ظاهر ٿيڻ معمول بڻيل

ڪراچي: فوڊگدامن ۾ سرڪاري رڪارڊ ۾ ذخيرو ڏيکاريل ڪڻڪ فزيڪل ويريفڪيشن ۾ گھٽ موجود هجڻ وارا اسڪينڊل به ظاهر ٿيندا رهيا آهن. ان حوالي ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب  خوراڪ کاتي جي گدامن ۾ ذخيرو پيل ڪڻڪ جو مقدار سرڪاري رڪارڊ ۾ هڪ ۽ فزيڪل ويريفڪيشن دوران ابتڙ هجڻ وارا معاملا سامهون ايندا رهيا آهن. هن وقت سرڪاري سطح تي ذخيرو پيل ڪڻڪ جو مقدار 13 لک 37 هزار ٽن ٻڌايو پيو وڃي.