ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ حڪومت جي راندين واري کاتي پاران صوبي ۾ ملهه پهلوانن، ڪرڪيٽرن، هاڪي، فٽبال، ڪراٽي، والي بال، باڪسنگ، بيڊ منٽن، اينٿلنڪس سميت مختلف راندين جي رانديگرن جي سروي ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ضلعي ۽ تعلقي سطح تي راندين جي سرڪاري ۽ خانگي سهولتن جي ڄاڻ لاءِ ايپ تيار ڪرائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي، راندين واري کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته ايپ ذريعي هر ماڻهو کي رسائي هوندي ته هُو ڪنهن به شهر ۾ راندين جي ميدانن سميت راندين جي سرگرمين جي ٻين سهولتن ۽ اتان جي رهائشي رانديگرن بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگھندو. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ ۾ راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري کاتي پاران راندين جي سرگرمين کي هٿيءَ وٺرائڻ توڙي رانديگرن ۽ ملهه توڙي ڪوڏي ڪوڏي جي پهلوانن جي حوصلا افزائي لاءِ اهم اعلان ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري کاتي جي سيڪريٽري عبدالعليم لاشاري ”پنهنجي اخبار“ سان ڳالهائيندي چيو آهي ته راندين واري کاتي پاران جلد ڪرڪيٽ، فٽبال، ملاکڙي، بيڊ منٽن، باسڪٽ، هاڪي توڙي ٻين سمورين راندين جي رانديگرن جي ضلعي سطح تي سروي ڪرائي ويندي. جنهن سان اها ڄاڻ ملي سگھندي ته صوبي سنڌ ۾ مجموعي طور تي هر راند جا ڪيترا پليئر موجود آهن. هن چيو ته اڳ ۾ سنڌ جا مختلف راندين جا رانديگر سرڪاري سطح تي ٿيندڙ راندين جي سرگرمين لاءِ نظرانداز ٿيندا رهيا آهن. ان ڪري هاڻي سروي ۾ معلومات گڏ ٿيڻ بعد سمورن راندين جي رانديگر کي مختلف پليٽ فارمن تي موقعا فراهم ڪيا ويندا. هن چيو ته راندين واري کاتي هڪ اهڙي ايپ به تيار ڪئي پئي وڃي جنهن ذريعي هر ماڻهو سنڌ جي هر تعلقي ۽ ضلعي ۾ راندين جي موجود سهوليتن بابت ايپ ذريعي ڄاڻ حاصل ڪري سگھندو.