سنڌ ۾ ڪوبه افغاني ٻار جيل ۾ بند ناهي: شرجيل ميمڻ

0
144

ڪراچي: سنڏ جي صوبائي وزيرن شرجيل ميمڻ، مڪيش ڪمار ۽ جيلن بابت صلاحڪار اعجاز جکراڻي چيو آهي ته سنڌ جي ڪنهن  به جيل ۾ ڪو به افغاني ٻار قيد نه آهي، سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل تصوير لانڍي جيل جي نه آهي

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ جي جيلن ۾ 129 افغان عورتون قيد آهن، انهن عورتن سان سندن 178 ٻار به موجود آهن، انهن ٻارن کي قيدي نه ٿو چئي سگهجي

Women, kids among 1,200 Afghan illegals jailed in Pakistan | Arab News PK

هنن چيو ته جيلن ۾ قيد افغان عورتون غير قانوني طور سنڌ ۾ ترسيل هيون، غير قانوني طور ملڪ ۾ ترسيل افغانين سميت سمورن پرڏيهي کي ڊي پورٽ ڪرڻ لاءِ ڪريڪ ڊائون جاري آهي

اعجاز جکراڻي چيو ته سنڌ جي جيلن جي حالت بهتر آهي، قيدين کي کاڌي پيتي سميت سموريون سهولتون مليل آهن