محبت ديرو/غوثپور (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ڪتن جو آزار ختم نه ٿيو، محبت ديرو ۽ غوثپور ۾ هڪ نينگر سميت  3 ڄڻا ڏاڙهجي سخت زخمي. خبر موجب محبت ديرو ڀرسان ڳوٺ سنجر خان لاشاري ۾ رولو ڪتن رٽائرڊ استاد محرم لاشاري کي ڄنگهه ۾ چڪ هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، رٽائر استاد کي زخمي حالت ۾ تعلقه اسپتال ڪنڊيارو منتقل ڪيو ويو، جتان کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نواب شاھ ريفر ڪيو ويو، ٻئي پاسي غوثپور ڀرسان ڳوٺ شربت باجڪاڻي ۾ 10 ورهين جي نينگر مزمل باجڪاڻي ۽ اول نندواڻي کي ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو.