ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ڪتن جو آزار ختم نه ٿيو، مختلف هنڌن تي وڌيڪ 23 ڄڻا ڏاڙهجي زخمي. خبر موجب لاڙڪاڻي شهر ۽ آسپاس جي علائقن ۾ رولو 11 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمين ۾ نروار علي، حسين، سيد عقيل، ولي محمد، سرمد، مولابخش، راجا، عظميٰ، محمد علي، قادر بخش، محمد صديق شامل آهن. زخمين کي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ قائم اينٽي ربيز ويڪسين سينٽر آندو ويو، جتي کين ويڪسين ڪئي وئي. گلاب لغاريءَ ويجهو ٻن مختلف ڳوٺن ۾ رولو ڪتن عورتن ۽ ٻارڙن سميت 8 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمين ۾ اخترسريوال، صدوري، جنت، مھناز، ونود، منور لاشاري، امير ۽ يوسي غلام شاهه لغاري جي رھواسڻ نازيا لغاري شامل آهن. باڊھه شھر جي پيارو ساريو پاڙي ۾ گهر آڏو راند کيڏندڙ نينگري سائره ۽ ڀٽي چوڪ واسي پورهيت خدابخش کي رستي ويندي رولو ڪتن چڪي زخمي ڪري وڌو، جن کي باڊھه اسپتال ۾ ويڪسين ڪئي وئي. مٺياڻي ۾ عطا محمد ڀٽي ۽ ڳوٺ ننگرخان سولنگي ۾ مسمات ضميران سولنگي کي رولو ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو.