ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ سرڪار تڪراري چولستان ڪئنال تي ڪم بند ڪرائڻ ۽ ارسا پاران پاڻي موجودگي بابت ڏنل اين اوسي رد ڪرائڻ لاءِ سي سي آءِ جو اجلاس گهرائڻ واسطي ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ جي سيڪريٽري کي خط لکي ڇڏيو، سنڌ جي بين الصوبائي رابطن واري کاتي جي خط سان گڏ آبپاشي کاتي جي سفارش تي چيف سيڪريٽري پاران تيار ڪيل سمري ۾ چيو ويو آهي ته هن وقت صوبي ۾ پاڻيءَ جي سنگين کوٽ سبب خريف جا فصل پوکڻ ناممڪن ٿي ويو آهي، سنڌ جي اعتراضن باوجود ارسا تڪراري ڪئنالن لاءِ پنجاب کي اين او سي جاري ڪئي، پنجاب کي نوَن ڪئنالن جي اجازت ڏيڻ سان سنڌ جي پاڻيءَ تي بار پوندو، سنڌ حڪومت خط ۾ واضح ڪيو آهي ته 91ع واري پاڻي ٺاھ جي پيرا 14(ڊي) ۽ 4 جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي، جنهن جو اثر سنڌ جي پاڻي واري مقرر حصي تي پئجي رهيو آهي. خط ۾ لکيو ويو آهي ته 1999ع کان 2023ع تائين پاڻي جي دستيابي ۾ ساليانو 13.7 سيڪڙو گھٽتائي آئي آهي، پنجاب جي ڪئنال جي منظوري ڏيڻ وارو عمل سنڌ جي پاڻي حصي تي وڌيڪ بار سمجھون ٿا، خط جي متن موجب پنجاب صوبو ننڍي چولستان واري علائقي ۾ نئين ڪئنال ذريعي 4122 ڪيوسڪ پاڻي منتقل ڪري 610237 ايڪڙ پوکي ڪرڻ چاهي ٿو خط موجب پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ صوبن جي زراعت ۽ ماحولياتي نظام تي ناڪاري اثر وجهي رهي آهي، سي سي آءِ جو اجلاس فوري گهرائي ارسا جي ڏنل اين او سي رد ڪئي وڃي، صوبن جي اتفاق راءِ ٿيڻ تائين تڪراري رٿا کي روڪيو وڃي، پهرين به سي سي آءِ جو گهرايل اجلاس ملتوي ٿيڻ سان بين الصوبائي معاملا نازڪ دڳ تي پهچي چڪا آهن، سي سي آءِ جو اجلاس گهرائڻ آئيني ذميواري آهي، اُميد ته سي سي آءِ جو اجلاس جلد گهرايو ويندو.
سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) سنڌ جي بئراجن وٽ پاڻي کوٽ وڌي 52 سيڪڙو ٿي وئي، گڊو ۽ سکر جا 7 واهه بند: ڪوٽڙي بئراج جي 4 واهن کي رڳو پيئڻ جو پاڻي فراهم، ان ڏس ۾ ارسا جي ويب سائيٽ موجب ملڪ ۾ مجموعي کوٽ 50 سيڪڙو آھي، جڏهن ته سنڌ ۽ پنجاب 51 سيڪڙو کوٽ کڻي رهيا آھن. هوڏانهن گڊو وٽ سنڌ ۽ بلوچستان لاءِ 20615 ڪيوسڪ پاڻي پهتو، سنڌ جي وڏي بئراج سکر وٽ کوٽ 62.4 ريڪارڊ ڪئي وئي، سکر بئراج جو مٿانهون وهڪرو 17060 ۽ هيٺاهون وهڪرو 6200 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو ڪوٽڙي بيراج وٽ پاڻي لاٿ شروع ٿي وئي آھي، جتي وهڪرا 4908 ڪيوسڪ تي پهچي ويا آھن. هوڏانهن ڪالهه چيف انجنيئر سکر بئراج جي ساڄي پاسي جي 3 ڪئنالن مهيني لاءِ بندش جو اعلان ڪري ڇڏيو. جاري ڪيل پڌرائي موجب سکر بئراج مان نڪرندڙ دادو ڪئنال، کير ٿر ڪئنال ۽ رائيس ڪئنال کي پھرين کان 30 اپريل 2025ع تائين سالياني معائني ۽ ضروري مرمتي ڪمن سبب بند رکيو ويندو. هوڏانهن ساڳئي مدي دوران گڊو بئراج به بند ڪيو ويندو. ٻئي طرف تربيلا ڊيم ۾ پاڻي وهڪرا بهتر ناهن ٿي سگهيا ، ڪالهه به ڊيم ڊيڊ ليول تي هو , ٻئي پاسي منگلا ڊيم ۾ پاڻي ڊيڊ ليول کان 20 فوٽ مٿي هو، ڊيم مان ذخيرو ڪيل پاڻي ڇڏڻ بجاءِ ان فلو ۽ آئوٽ فلو 19027 ڪيوسڪ برقرار رکيو ويو .