ٽنڊو ڄام(رپورٽ: مبين مگسي ) سنڌ ۾ آيل ٻوڏ کان پوءِ سنڌ ۾ سال 2023 جي خريف جي مند ۾ ٿيندڙ سارين ۽ ڦٽي جي ٻج جي کوٽ جو انڪشاف ٿيو آهي، سنڌ زرعي تحقيقي اداري ۾ سنڌ ۾ سارين ۽ ڦٽي جي پوکي لاءِ ٻجن جو صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ ريگيوليٽري ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ڄايل انگ اکرن موجب سنڌ ۾ 2023 جي خريف جي مد ۾ ڦٽي ۽ سارين جي پوکي لاءِ ٻج جي شديد بحران آهي، سنڌ ۾ ڦٽي جي پوکي لاء3 لک 20 هزار مڻ ٻج جي گهرج آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ پرائيويٽ ۽ پبلڪ سيڪٽر وٽ رڳو 1 لک 35 هزار 8 سو 49 مڻ ٻج موجود هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، اهڙي ريت ڦٽيءَ جي ٻج جي 1 لک 41 هزار هڪ سو 51 مڻ کوٽ آهي، ساڳي ريت سارين جي پوکي لاءِ سنڌ ۾ ڏھ لک مڻ ٻج جي گهربل آهي پر سنڌ ۾ پبلڪ ۽ پرائيوٽ سيڪٽر ۾ رڳو 1 لک 35 هزار مڻ ٻج موجود آهي، سارين جي پوکي لا 8 لک 64 هزار 9 سو 31 مڻ ٻج جي کوٽ جو انڪشاف ٿيو آهي، ذريعن موجب سارين جي پوکي لا هائبرڊ ٻج استعمال ڪري کوٽ ختم ڪئي ويندي جڏهن ته سال 2022 ۾ سارين جو 6 لک مڻ ۽ ووڻن جو 4 لک مڻ کان وڌيڪ ٻج موجود هو. اهي به اطلاع آهن ته ٻج جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ پنجاب جي رجسٽرڊ ڪميٽي کان ٻج خريد ڪيو ويندو. ورڪنگ پيپر ۾ سنڌ سيڊ ڪارپوريشن حيدرآباد وٽ سارين ۽ ڦٽي جو ٻج نه هجڻ جو انڪشاف پڻ ٿيو آهي.