مٽياري (م ڊ) پيپلزپارٽي ايم اين اي مخدوم جميل الزمان سنڌ ۾ ڏوهن جي خاتمي جي لاءِ آرچي چيف جنرل عاصم منير کي ايڪشن وٺڻ جي اپيل ڪري ڇڏي آهي
مٽياري ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مخدوم جميل الزمان چيو ته سنڌ ۾ ڏوهه وڌي ويا آهن، هڪ ڀيرو وري فوج اچي ۽ ڏوهن کي پاڙ کان ختم ڪري
هن چيو ته آرمي چيف کي گذارش آهي ته ايڪشن وٺي ۽ سنڌ کي ان آفت کان هميشه جي لاءِ ڇوٽڪارو ڏياري، ڪيستائين اسان احتجاج ڪنداسين ۽ تحريڪون هلائينداسين، سڀ هڪ ميز تي اچي وڃن
هن جو چوڻ هو ته شهباز شريف موجوده حڪومت جو انچارج آهي ۽ هو ڊگهي نظر رکندڙ شخص آهي، هو آصف علي زرداري سان مشاورت ڪندو ته حڪومت پنج سال به پورا ڪندي ۽ جهيڙا به نه ٿيندا
مخدوم جميل الزمان چيو ته الله منهنجي ۽ ٻين ماڻهن جون يقينن دعائون قبول ڪندو، لڳي ٿو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان جلد ٻاهر اچي ويندو