ڪراچي (رپورٽ: فقيرسليم) سنڌ جي نگران ڪابينا فوج ۽ رينجرز سان گڏجي ڌاڙيلن جو خاتمو ڪرڻ، هٿيارن جي اسمگلنگ ڪندڙ گروپ خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪرڻ ۽ ڪچي ۾ ڏوهارين کي سائبر ۽ ڊجيٽل ( انٽرنيٽ )سروس نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڪالهه ڪابينا جو اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي صدارت هيٺ ٿيو. جنهن ۾ گهرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز ۽ آءِ جي رفعت مختار امن امان جي مجموعي صورتحال، ڪچي ۾ ڀنگ لاءِ اغوا، اسٽريٽ ڪرائيم ۽ ڊرگ مافيا بابت بريفنگ ڏني، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هڪ سال دوران 218 ماڻهن کي اغوا ڪيو ويو، جن مان 207 کي بازياب ڪرايو ويو آهي، هن وقت 11 شهري ڌاڙيلن وٽ يرغمال آهن. موجوده آءِ جي جي عهدو سنڀالڻ وقت ته اغوا جا 57 ڪيس هئا، 46 شهري بازياب ٿيڻ بعد 11 ڄڻن جي بازيابي لاءِ ڪوششون جاري آهن. وڏي وزير آءِ جي کي هدايت ڪئي ته 11 يرغمالين جي بازيابي کانپوءِ جامع رپورٽ پيش ڪئي وڃي. هن چيو ته مقامي پوليس کي هدايت ڪئي وڃي ته اها يرغمالين جي خاندانن سان رابطي ۾ رهي کين پوليس جي ڪوششن کان آگاهه ڪري، ڪابينا کي آگاهي ڏني وئي ته سنڌ جي 4 ضلعن ڪشمور، شڪارپور، گهوٽڪي ۽ سکر ۾ ڌاڙيلن محفوظ ۽ ناقابل رسائي وارن هنڌن تي وڏين خندقن ۽ کڏن اندر لڪل آهن. جن وٽ ڊگھي رينج وارا فوجي گريڊ جا ھٿيار آھن چوماسي ۽ خريف جي مند ۾ ڪچي ۾ ٻوڏ واري صورتحال هوندي آهي، ڪچي ۾ 238 ڳوٺ آهن، جن جي آبادي چار لک آهي. سنڌ پوليس ڪچي ۾ 8 ٿاڻا ۽ 20 چيڪ پوسٽون قائم ڪيون آهن. آءِ جي ٻڌايو ته هو چئني متاثر ضلعن ۾ 390 پوليس چوڪيون قائم ڪرڻ ۽ پوليس کي جديد هٿيارن سان ليس ڪرڻ جو ارادو رکي ٿوـ ڪابينا ڪچي کي ڌاڙيلن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ پوليس، رينجرز ۽ پاڪ فوج جي مدد سان گڏيل آپريشن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڌاڙيلن کي هٿيارفراهم ڪندڙ اسمگلرن / ڊيلرن خلاف به ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويندو، ڌاڙيلن جي اثر واري ڪچي جي ايريا ۾ انٽر نيٽ سروس بند ڪئي ويندي، اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم چيو ته ڌاڙيلن خلاف آپريشن شروع ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن سان ضروري سهڪار ڪيو ويندو. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي ۾2023ع دوران اسٽريٽ ڪرائيم جا 12886 ڪيس رجسٽر ٿيا، جن ۾ 3178 موبائل ڦرڻ، 93 فور ويلر گاڏيون ڇنڻ ۽ 758 فور ويلر چوري، 2143 موٽر سائيڪلون ڦر ۽ 3457 موٽرسائيڪلون چوري ڪيون ويون. وڏي وزير چيو ته هن وقت ڪو شهري موبائل فون کڻي گهران نڪري نٿو سگهي، هن آءِ جي کي هدايت ڪئي ته شهر ۾ پوليس جو گشت وڌائي اسٽريٽ ڪرمنلز خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وڃي، جن ٿاڻن جي حدن ۾ اسٽريٽ ڪرائيم وڌيڪ آهن، اتي متحرڪ ۽ موثر پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو وڃي،