ٽنڊوباگو(ن پ ا) ٽنڊوباگو ۾ سنڌياڻي تحريڪ ضلع بدين جي اجلاس کي  مرڪزي سيڪيٽري مروبت هاليپوٽو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ پيل سرڪاري زمين بي زمين هارياڻين کي ڏنيون وڃن ۽  سنڌ ۾ جاگيرداري سسٽم ۽ ڪاروڪاري جهڙي ڪڌي رسم عيوض عورتن جو قتلام بند ڪرائي تعليمي ادارن ۾ خودڪشيون ڄاڻائي قتل ڪيل نياڻين جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي، ان موقعي تي سنڌياڻي تحريڪ جي بدين لاءِ چونڊيل ضلع صدر بيگم زئور اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته هن ملڪ جا چونڊيل توڙي نگران حڪمران سنڌ جي وسيلن زمينن تي قبضا ڪرڻ ۽ سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪرڻ لاءِ ساڳيو نقطه نگاهه رکن ٿيون جيڪو ملڪ دشمني کان گهٽ ناهي، هن چيو ته سنڌ جي عورت کي تعليم حاصل ڪري باشعور ٿي قومي تحريڪ ۾ منظم طريقي سان حصو وٺي پنهنجي ڌرتي ۽ قوم کي خطرن کان بچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، جنهن لاءِ سنڌياڻي تحريڪ فڪر رسول بخش پليجو تي هلندي جدوجهد ڪري رهي آهي. اجلاس ۾ ضلع بدين لاءِ ايندڙ ٻن سالن لاءِ نئين باڊي چونڊي وئي، جنهن ۾ صدر بيگم زئور، نائب صدر عظمت هاليپوٽو، جنرل سيڪيٽري زاهده ٽالپر جوائينٽ سيڪيٽري سنڌيا زئور خزانچي امام زادي ڪلوئي، پريس سيڪيٽري زرقا هاليپوٽو، آفيس سيڪيٽري سلمه زئور ۽ 14 ڀينرن کي ميمبر طور چونڊيو ويو.