ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي  وڏي وزير مراد شاهه  چيو آهي ته سنڌ سرڪار جي ڪوششن سبب 34 مهينن ۾ پوليو جو ڪوبه ڪيس سامهون ناهي آيو، هيل 13 ڪيس ظاهر ٿيا، اسان پوليو ڦڙا پيارڻ کان  انڪاري علائقن ۾ 4500 اضافي اسٽاف مقرر ڪيو، عوامي نمائندن کي متحرڪ ڪرڻ  جي نتيجي ۾ انڪاري ڪيسن ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، گلوبل پوليو ايريڊيڪيشن انيشيٽو جي وفد سان گڏجاڻي ڪندي هن چيو ته تازي مهم ۾ فرنٽ لائن ورڪرز 20 هزار پوليس اهلڪارن جي مدد سان هڪ ڪروڙ 16 لک ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا. سنڌ حڪومت جي تازين پوليو مهمن ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته لوڪل پوليو ويڪسين ڪوالٽي اسيسمينٽ سروي جي شرح سيپٽمبر ۾ 89 ۽ آڪٽوبر ۾ 84 سيڪڙو هئي. هن بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن، روٽري انٽرنيشنل سميت سمورن عالمي ڀائيوارن جي مدد ڪرڻ تي ٿورا مڃيا.