سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) سنڌ ۾ ٽنهي بئراجن وٽ مجموعي طور پاڻي کوٽ 42 سيڪڙو تي پهچي وئي، جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ پاڻي کوٽ گڊو بئراج وٽ 56 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، ڪوٽڙي وٽ 48 سيڪڙو ۽ سکر بئراج وٽ 22 سيڪڙو پاڻي کوٽ رڪارڊ ٿي آهي، هوڏانهن تونسا ۽ گڊوبئراج جي وچ ۾ سنڌ لاءِ ايندڙ 20 هزار ڪيوسڪ پاڻي گم ٿي ويو آهي، جيڪو مئي مهيني ۾ گڊو بئراج وٽ پهچڻو هيو، چشما بئراج کان واڌو پاڻي ڪالهه ڇڏيو ويو آهي جيڪو پڻ جون ۾ پهچڻ جا امڪان آهن، تيستائين سنڌ ۾ پاڻي کوٽ پنجاهه سيڪڙو تائين پهچڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي، ارسا پاران اپريل ۾ چيو ويو هو ته سنڌ کي هن خريف دوران رڳو 30 سيڪڙو کوٽ هوندي جڏهن ته مئي جي پهرين هفتي جي ايڊوائزري ڪاميٽي ۾ اعلان ڪيو ويو ته سنڌ کي پاڻي کوٽ 22 سيڪڙو کڻڻي پوندي، يارهين تاريخ تي ارسا جي ايڊوائزري ڪاميٽي پاران اعلان ڪيو ويو هو ته صوبن کي پاڻي ٺاهه جي پيرا ٽو موجب پاڻي ڏنو ويندو، اهو پهريون ڀيرو ٿي رهيو هو جو پاڻي ٺاهه تي عمل درآمد جي ڳالهه ڪئي وئي پر عملي طور تي سنڌ کي ٺاهه موجب گهرج وارو پاڻي ملڻ ممڪن نظر نه پيو اچي، پنجاب پاران چشما بئراج وٽان سي جي لنڪ ڪئنال وسيلي لاڳيتو پاڻي کڻت جاري آهي، جڏهن ته پنجند وٽان سنڌ ڏانهن پاڻي فراهمي پڻ بند ڪئي وئي آهي، ياد رهي ته واپڊا پاران ڊيم جي مرمت جي سلسلي ۾ جون تائين تربيلا ڊيم کي 1470 فوٽن جي سطح تي رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن اِن دوران ملڪ ۾ برساتون نه پيون ته سنڌ کي تمام گهڻي پاڻيءَ جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته ڊيم ۾ جون تائين 80 فوٽ پاڻي موجود نه هوندو، ڪالهه گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 47 هزار 242 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 43 هزار 867 رڪارڊ ڪيو ويو، گڊو وٽ پاڻيءَ جي گهرج 6 هزار 500 ڪيوسڪ آهي پر کڻت 3 هزار 396 ڪيوسڪ آهي، جنهن ۾ بلوچستان جا 1240 ڪيوسڪ به شامل آهن، سکر بئراج وٽ ڪالهه مٿانهون وهڪرو 38 هزار 550 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو کڻت 25 هزار 510 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته سکر بئراج جي ستن ئي ڪئنالن وٽ پاڻيءَ جي گهرج 39 هزار 500 ڪيوسڪ آهي، ٻئي پاسي ڪوٽڙي بئراج وٽ مٿانهون پاڻيءَ جو وهڪرو 8 هزار 85 ڪيوسڪ آهي. جڏهن ته کڻت 15 هزار 700 ڪيوسڪ آهي.