سنڌ ۾ پاڻي کوٽ ۽ جوهي برانچ جو مسئلو

0
84
سنڌ ۾ پاڻي کوٽ ۽ جوهي برانچ جو مسئلو

سنڌ حُڪومت پاڻي کوٽ جي پيش نظرصوبي ۾  سارين جي پوک تي بندش ھڻي ڇڏي آھي.سکر بيراج  منجھان  اُلھندي پاسي نڪرندڙ ٽن ڪينالن مان  ھن وقت صرف کيرٿر ڪينال ۾ نالي ماتر پاڻي ڇڏيو ويو آھي جڏھن ته ساريالو ڪينال يعني رائيس ڪينال ۽ ٻارھو وھندڙ دادو ڪينال ۾ پاڻي نه  ڇڏيو ويو آھي جنھن جوسبب سنڌوءَ دريا ۾ پاڻي جي غيرمعمولي کوٽ ۽ ان جيتري ئي اھم  سبب سنڌو مان ٻوڏ جي وقت  پنجاب ۾ وھايو ويندڙ ڪينالن  مان پاڻي کڻڻ  کي قرار ڌنو پيو وڃي.نتيجي ۾ پوري سنڌ جي ٽنھي بيراجن ۽ انجي ڪينالن واھن ۾ پاڻي کوٽ جي رڙ متل آھي.آبپاشي کاتي جي رِٽ جي حد اھا آھي ته عدالت جي حڪم ھيٺ رينجرس فورس ڪينالن ۽ واھن تي پاڻي جي قانون مطابق ورڇ لاءِ آبپاشي کاتي جي مدد ۾ اماڻي ويئي آھي.ليڪن اھا رينجرس به جڏھن آبپاشي کاتي جي مدد لاءِ پھچي ٿي ته اھا ڇا ٿي ڪري انجو به ھڪ قصو ٻُڌندا ھلون.

   جوھي تعلقي کي سيراب ڪندڙ جوھي برانچ  جيڪو سيتا روڊ جي اتر اوڀر ۾  دادو ڪينال مان نڪري ٿو جوھي برانچ جڏھن خانپور جي اولھه ۾ ۽ ٻيلي پتڻ جي ڀرسان ڇنڊڻ کي ڪراس ڪري جوھي تعلقي ۾ داخل ٿيڻ جي سنبوتي ڪري ٿو ته اتي پاڻي جو گيج 600 ڪيوسڪ بدران صرف 300 ڪيوسڪ ھجي ٿو جيڪو انھي مھڙ ۾ ئي ڏاڍا مڙس ڏنڊي جي زور تي استعمال ڪري ڇڏين ٿا ۽ نتيجي ۾ جوھي تعلقي ۾ اڃ ۽ ڀينگ واڪا ٿي ڪري. جوھي جي آبادگارن جي گُهر تي جوھي برانچ جي آبادگار انجنيئر منظور سولنگي کي ئي جوھي برانچ تي تعينات ڪيو ويو جيڪو ڪجھه مھينا اڳ ريٽائر ٿي آيو آھي تنھن عيد کان بعد تازو ھڪ  ملاقات ۾ ٻُڌايو ته گذريل سال جڏھن آبپاشي کاتي جي مدد ۾ رينجرز مقرر ٿي ته جوھي برانچ تي ڪجھه واٽر ڪورس،مُوريون ۽ شاخون ڀڳل ھيون جن مان زبردستي پاڻي کنيو پئي ويو انھن کي رينجرس جي موجودگي ۾ لٽي بند ڪيو پئي ويو ته ڪجھه ھٿياربند ڦري آيا ۽ ٻُڌايائون ته سامھون سندن زمينون آھن رينجرس جي موجودگي ۾ ته ھنن ڪجھه ڪونه ڪڇيو ليڪن اسانجي ٽيم  ڀڳل واٽر ڪورس لٽي بند ڪري  جڏھن ٿورو اڳتي نڪري ويئي ته پويان فائر جو آواز آيو جنھن تي رينجرس جي اھلڪار ان بابت  پڇيو، جنھن جو جواب کين ڏنو ويو ته فائرنگ  جو آواز انھي طرف کان آيو آھي جتي پاڻ ڀڳل ماڊول لٽي بند ڪري آيا آھيون،بجاءِ واپس ورڻ جي رينجرس اھلڪارن اڳتي ھلڻ جو اشارو ڪيو.

منظور سولنگي سان سندس ڳوٺ حاجي خدابخش سولنگي ۾ ملاقات ذاتي نوعيت جي ھُئي ليڪن ڪچھري جو مُک موضوع جوھي ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ جوھي برانچ تي پاڻي گردي جو ئي رھيو جيڪو جوھي ۽ ان جي تر  جو مک موضوع ۽ مسئلو به آھي.منظور سولنگي ۽ سندس ڀائرن جي جوھي برانچ مان نڪرندڙ دڙا مائينر ۽ چينجاڻي مائينر تي سوين يڪڙ زمين آھي.ٻه ڏھائيون اڳ تائين اھا سموري زمين آباد ٿيندي ھئي .شاخن ۾ پاڻي نه ھجڻ ڪري ٿوري گهڻي زمين جيڪا آباد ٿئي ٿي اھا ڇنڊڻ جي کاري پاڻي تي آباد ڪئي وڃي ٿي جنھن سان زمينون خراب ٿي ويون آھن.ٻارھو وھندڙ چينجاڻي شاخ ۾ ته ھاڻي پيئڻ جو پاڻي به ڪونه ٿو اچي .اھا چينجاڻي شاخ ئي آھي جنھن جي پڇڙي جڏھن ڏنگڙي (سکر بيراج کان اڳ الھندي ناري جي ڇاڙ) ۾ ڇوڙ ڪندي ھئي ته مال متاع ۽ پيئڻ لاءِ پاڻي ٿي پوندو ھو ليڪن ڏنگڙي تي رھندڙ ھزارين ماڻھن جي اھڙي غريباڻي عياشي به ھاڻي ختم ٿي ويئي آھي.سندن ڳوٺ جي اتر اولھه ۾ وھندڙ  دڙا شاخ  ساريالي شاخ آھي ليڪن انھي ۾ ڪيتري عرصي کان پاڻي نه ملڻ تي  گھر لاءِ چانور به ھاڻي مارڪيٽ مان وٺڻا ٿا پون.منظورسولنگي چواڻي جوھي برانچ دادو ڪينال مان نڪرندڙ” پيرينيل “ واھه  آھي جيڪو ٻارھو ئي وھڻو آھي جڏھن ته ڪجھه شاخون نان پيرينيل (موسمي) آھن جڏھن ته ڪجھه پيرينيل شاخن جا ڪجهھ واھه “نان پيرينيل”۽ ڪجھه نان “پيرينيل “شاخن جا ڪجھه واھ وري “پيرينيل “به آھن.

سکر بيراج ٺھڻ وقت  انھي طريقي سان پاڻي پھچائڻ ۾ انھي ڳالھه جو خيال رکيل ھو ته جيئن زراعت سان گڏ پيئڻ جي پاڻي جي اڻ ھوند وارن علائقن ۾ به پاڻي پھچائي سگهجي.منظور سولنگي چواڻي تمام گهڻين ڪوششن باوجود نه صرف ڇني شاخ کي باقائدي نه وھائي سگهياسين جيڪا منڇر ۾ ڇوڙ ڪري ٿي ته جيئن منڇر ۾ مٺو پاڻي ويندو رھي نه ئي جوھي برانچ ۾ ھر ڪنھن جي حصي مطابق  پاڻي جي قانون موجب ورڇ  ڪرائي سگهيا آھيون جنھن جو سڌو سبب سياسي مداخلت آھي نتيجي ۾ اتنظاميه جو سھڪار نٿو رھي.پوليس ۽ رينجرس وٺي دِڪا ھڻايا،غيرقانوني پاڻي چوري بند ڪرائي ليڪن زوري پاڻي کڻندڙ آبادگار چئي ڏيندا ھئا ته اسان پنھنجا فصل سُڪڻ ڪونه ڏينداسين ۽ واقعي ٻئي ڏينھن  ايئن ئي ٿي ويندو ھو.انھي سوال پُڇڻ تي ته پوءِ آخر جوھي برانچ جي اھڙي منجھيل مامري جو ڪھڙو حل آھي ته ھن حيران ڪن جواب ڏنو ته “متاثر ماڻھو گڏ ٿي ڊگهي ويڙھه ڪرڻ لاءِ تيار ناھن انڪري  انھي جو ڪوئي ٻيو حل ناھي.

بس دعا گهرندا آھيون ته برسات وسي پوي ڪو پاڻي جو ريڙھو اچي وڃي ته مال متاع لاءِ پاڻي به ٿي پوندو ته ڪجھه زمين تي مند آھر فصل بہ ٿي پوندو.  “2020ع  ۾ جوھي جي آبادگارن جي احتجاج کانپوءِ ڪيئن پاڻي آيو ھو جو سمورو جوھي تعلقو ۽ ان جون زمينون جل ٿل ٿي پيون ھيون.” جي جواب ۾ ھن چيو ته ڪو فضيلت ڀريو سيڪريٽري آيو ھو جنھن جي مھرباني ھئي ۽ ڪجھه ان وقت ۾ واھن ۾ پاڻي به ھو ۽ مٿي ضرورت به ڪونه ھئي.مون کيس ٻُڌايو ته ٻُڌڻ ۾ آيو آھي ته انوقت ڇنڊڻ مان 240 ڪيوسڪ پاڻي جوھي برانچ ۾ وڌو ويو ھو جنھن جي جواب ۾ ھن چيو ته انھي جي تصديق ڪرڻي پوندي.ھي جوھي برانچ جي انجنيئر ۽ جوھي برانچ جي کاتيدار جي راءِ آھي ته جوھي برانچ جي حالت  آئيندہ ھاڻي ايئن ۽ اھائي رھڻي آھي.

جوھي برانچ ۾ پاڻي جي لاءِ ھلندڙ جدوجھد ۾ شامل  آبادگار اڳواڻن جي راءِ ٿوري مختلف آھي.مان جڏھن جوھي ۾ رھندو ھيس ته انوقت به چيٽ جي پاڻي جي کوٽ دوران احتجاج ٿيندا ھئا ليڪن انوقت مايوسي جي ڪيفيت اھڙي نه ھوندي ھئي.آبادگار تحريڪ جو مک اڳواڻ ميرمحمد لغاري چينجاڻي شاخ جي مھڙ جو آبادگار آھي اھوتڏھن  ڪچھري ڪندي سيني تي ھٿ ھڻي  چوندو ھو ته ھر به ڏيئي ڇڏيو ٻج ۽ ڀاڻ به وٺي رکو توھان ڏسجو پاڻي وٺي ڏيکارينداسين ۽ ايئن ھر دفعي ٿي ويندو ھو ليڪن 2008ع ۾ پيپلزپارٽي حڪومت اچڻ  کانپوءِ صورتحال اھڙي بدلي جو بجاءِ بھتر ٿيڻ جي خراب ٿيندي ھاڻي انتھائي خراب ٿي ويئي آھي ۽ ڪجھه عرصو اڳ آبادگار تحريڪ جي مٿي ڄاڻايل ڏاميش اڳواڻ به ايئن چوڻ تي مجبور ٿي ويو ته يار وقت اھڙو ڦيرو کاڌو آھي جو ھاڻي سڌو جواب ٿو ملي ته پاڻي آھي ئي ڪونه ته ڪٿان ملندو.ياد رھي ته دادو جوھي تڪ تان 2002ع کان مسلسل ھڪ ايم اين اي قومي اسيمبلي جي سيٽ والاري ويٺو آھي جنھن جي ڀائرن ،مٽن مائٽن،سنگتين سياسي رفيقن  جون زمينون مُھڙ ۾ آھن جيڪي پاڻي گهڻو کڻندڙ ساريءَ جو فصل پوکي رھيا آھن ۽ انھي ساريءَ جي فصل کي پاڻي پھچائڻ لاءِ شاخون ۽ واٽر ڪورس ڀڃي ذرا ذرا ڪيا ويا آھن.

انھن زورآورن ۽ ڏاڍن کي جيڪڏھن ڪجھه نٿو ٿئي ۽ ضلع انتظاميا سميت رينجرس به بيوس آھي ۽ اھا فائرنگ جي آواز تي ڪن لاٽار ڪري اڳتي نڪري وڃي ته سمجھه ۾ اچڻ گهرجي ته جنھن  عوامي نمائندي کي جيڪو ضلعي ۾ اڇي ڪاري جو مالڪ سمجھيو وڃي ٿو(پيپلزپارٽي سنڌ جي ھر ضلعي ۾ اھڙا ماڻھو مقرر ڪيا آھن جيڪي انھي ضلعي جي وزيراعليٰ جيترو اختيار رکن ٿا) جنھن جي چوڻ تي انتطاميه حرڪت ڪري ٿي اھو ته  مسئلي جي حل جو حصو ھجڻ گهرجي ليڪن  اھو خود  پاڻي کوٽ ۾ مامري جو حصو ۽ فريق آھي.اھا ڳالھه جوھي جي ھر گهٽِي ھر گام واھڻ واھڻ ۽ خدا جي خلق جي وات تي ملندي.جيڪڏھن ڳالھه مخصوص ۽ پنھنجي برادري جي مفاد جي ھجي ھا ته انھي ايم اين اي صاحب جي برادري جا ماڻھو ئي انھي ويڌن جا  سڀ کان گهڻو متاثر آھن ايف پي بند کان ھيٺ  ڪمال خان،ڇني ۽ ساوڙو يونين ڪائونسلن جا وڏا ڳوٺ جن۾ ايم اين اي جي برادري جا ماڻھو وڏي انگ ۾ آباد آھن  پاڻي کوٽ سبب ڪنھن رُڃ ۽ سُڃ جو ڏيک ڏين ٿا ۽ اڪثر آبادي ٻين علائقن لاءِ لڏپلاڻ ڪري دربدر ٿي ويئي آھي.پاڻي کوٽ خلاف آبادگار ھاري  تحريڪ ۾ انھي برادري جا ماڻھو به ٻين متاثربرادرين جيترا ئي سرگرم آھن پاڻي جي تحريڪ تيز ٿئي ٿي سگھه وٺي ٿي ليڪن پوءِ ڪجهھ ھٿ حرڪت ۾ اچن ٿا  نتيجي ۾ ڪنھن کي لٺ ڪنھن کي چٺ ڏيکاري تحريڪ کي ڪمزور ڪري ختم ڪيو وڃي ٿو.ھاڻي به ڪجهھ عرصو اڳ پاڻي جي کوٽ خلاف تحريڪ ھلي ھن وقت جوھي شھر سميت آسپاس جي ڳوٺن ۾ پيئڻ جو پاڻي به ڪونھي.ھن دفعي سندرو ٻڌي جوھي جا آبادگار ،سياسي سماجي ڪارڪن ويھي رھيا ليڪن ھميشه جيان انھي عوامي دٻاءُ کي به تارپيڊو ڪيو ويو.

 ھاڻي ته جوھي جا مجبور آبادگار ھاري ناري شھري وري 2008ع  کان اڳ واري صورتحال تي وڃڻ جي ڳالھه پيا ڪن جڏھن جوھي ۾  پيئڻ ۽ زرعي پاڻي جي کوٽ نه ھئي.جيڪڏھن جوھي دادو جي  قومي اسيمبلي جي تڪ تان ميھڙ مان سيڙھجي لياقت جتوئي جو پٽ ڪريم علي جتوئي ذري گهٽ تي ھارائي ٿو ته اھو ھڪ سبق آھي جنھن کي سمجھڻ جي ضرورت آھي.سبق انھي  پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي روسي صدر پيوٽن جيان 20 سال کان وڌيڪ عرصي لاءِ دادو تي حُڪمراني ڪندڙ عوامي نمائيندي لاءِ به آھي ته جوھي جي خلق لاءِ به آھي ته پاڻ کي عوامي پارٽي سڏرائيندڙ پيپلزپارٽي لاءِ به آھي ته اھڙا عوامي نمائيندا جيڪي ماڻھن جا مسئلا حل ڪرڻ بجاءِ انھي مسئلي جي پاڻ ئي پاڙ ۽ حصو ھجن ته پوءِ اھڙن نمائندن کي ايندڙ اليڪشن ۾ ٽڪيٽ ڇو ڏيڻ گهرجي.؟تازو فيس بوڪ تي جوھي جي ھڪ پيپلزپارٽي جي ڪارڪن جي پوسٽ پڙھي ته “اڳ۾ سڀ وڏيرا لياقت جتوئي  سان ھوندا ھئا ۽ عوام پيپلزپارٽي سان ھوندي ھئي ھاڻي سڀ وڏيرا پيپلزپارٽي ۾ آھن ۽ عوام لياقت جتوئي سان آھي.” جوھي جي ھڪ ٻئي جيالي پنھنجي پوسٽ ۾ لکيو  “ نه پاڻي آھي نه بجلي نه گيس نه روڊ نه رستا نه ناليون نه تعليم نه صحت آھي … ۽ اسان ۾ وري شرم ڪونھي.” انھن پوسٽن ۾ به سمجھه ۾ اچي ٿو ته جوھي جي مسئلن سميت جوھي برانچ ۾ پاڻي تي ڌاڙي جو ڪيس ڪٿي لڳل آھي جنھن جو فيصلو ته پري جي ڳالهھ  ليڪن انجي ڪا شنوائي به نه پئي ٿي.جوھي ھڪ مزاحمت جو نالو آھي اميد ڪري سگهجي ٿي ته جوھي جي اھا جڳ مشھور مزاحمت،آبادگار تحريڪ پاڻ ۾ جهُٽ ٿي ايندڙ بلدياتي چونڊ ۾ پنھنجو رنگ ڏيکاريندي. مدي خارج عوام ڀوتار ۽ ڀوتارڪي نظام کي چيلينج ڪندي  جيئن جوھي کي جيئندان ملي سگھي.