سنڌ ۾ پاڻي کوٽ خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا، ڌرڻا

0
190

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي پاڻي جي کوٽ خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، دوڙ ۾ ڊولو مائنر جي آبادگارن لياري روڊ تي ڌرڻو هنيو جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، باڊھه ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ آهي جنهن خلاف آبادگارن پاران درگاهه چوڪ کان ريلي ڪڍي آبپاشي کاتي جي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو، قبوسعيدخان ۾ ايس ٽي پي جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن جو سيف الله مگسي برانچ مان نڪرندڙ مختلف شاخن ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن جي اڳواڻي ۾ غلام نبي چنو، خادم حسين جمالي، غلام مصطفيٰ بروھي، محمد علي کوسو ٻين ڪئي، گاجي کهاوڙ ۾ مڱيو شاخ، کهاوڙ شاخ، ميرواهه جي آبادگارن طرفان بس اسٽاپ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ميهڙ ۾ به ايس يو پي ۽ ڪڪول واهه آبادگار جدوجهد ڪاميٽي پاران زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف گهنٽا گهر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، آبادگارن جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري ورتي آهي، فصل سڙي تباهه ٿي رهيا آهن.