ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ پاڻي کوٽ ختم نه ٿي،گاجي کهاوڙ ۾ آبادگارن ايم پي اي نادر مگسي آڏو احتجاج ڪندي چيو ته شاخن ۾ پاڻي ناهي پهتو، زمينون بنجر بڻجي ويون آھن  ۽ چوپايو مال اڃ مري رهيو آھي ۽ جر کارا ٿي ويا آھن ۽ توهان حڪومت ۾ هوندي ڪجهه نٿا ڪيو. نادر مگسي آبادگارن کي خاطري ڪرائيندي چيو ته درياهه ۾ پاڻي وڌندو ته توهان کي ضرور زرعي پاڻي وٺي ڏيندس. شھدادپور ۾ لُنڊو شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن پاڻي کوٽ خلاف رحمان ڇٽو، مٺو ڀيل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽائرن کي باهيون ڏئي ڇٽا اسٽاپ تي ڌرڻو هنيو. گپچاڻي ۾ جهيمل شاخ جي پچڙي ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن مريد کوسو، امير ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو،  جتي مانجھائي جماعت جي سرواڻ ۽ سنڌ جي نالي واري صوفي راڳي مانجھي فقير پنهنجي سنگ سان گڏ يڪتياري ۽ چپڙي تي صوفياڻي ڪلام آلاپي احتجاج ۾ شرڪت ڪئي،تلهار جي وارڊ 6 جي رهواسين پاران پيئڻ جو پاڻي ٽن مهينن کان نه ملڻ خلاف غني، بشير، ڪريم بخش ۽ سليم جي اڳواڻي ۾احتجاج ڪيو ويو.اڳواڻن چيو ته مسجدن ۾ وضو جو پاڻي به ناهي، پبلڪ هيلٿ ڊپارٽمينٽ جي آفيس جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آھيون، اسان جي ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي. پيارو اسٽيشن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف شهرين مين بازار کان نبي بخش ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو.