ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ پاڻي کوٽ  برقرار، آبادگارن جا احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا، بلڙي شاهه ڪرين ۾ شٽر بند هڙتال، خبر موجب بلڙي شاھ ڪريم ۾ شورڪي واھ،کرياڙي شاخ، ڊھٽ شاخ، بلڙي شاخ، نصير واھ، گنج بحر واھ جي آبادگارن زاھد رند، اعظم رند، حاجي اسماعيل ميمڻ، جاني ٻٻر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جڏهن ته شھر ۾ مڪمل شٽر بند ھڙتال ڪري ڪاروباري مرڪز بند رکيا ويا، سن ڀرسان ڳوٺ سرائي سولنگي ۾ گذريل  ٽن  مهينن کان پيئڻ جي صاف ۽ مٺي پاڻي جي کوٽ خلاف ڳوٺاڻن ريلي ڪڍي علامتي بک هڙتال ڪئي، ڀرياسٽي ڀرسان بدڪا شاخ جي آبادگارن عبداللطيف ڀٽي، نعمان وسطڙو، صفدر وسطڙو، محمد علي سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو، چمبڙ جي چاڪر شاخ ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف پڇڙي جي آبادگارن امير بخش رند، اشرف احمداڻي، سليم منڌرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو، وڳڻ لڳ آبادگارن ميرواھ ۽ ڪور شاخ ۾ پاڻي کوٽ خلاف انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو، نوابشاهه ۽ گپچاڻي ۾ جهيمل شاخ جي آ بادگارن محمد مريد کوسو، امير مغيري، علي نواز کوسو، پناھ رند، پهلوان امين ڏاهري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ دھل وڄائي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو، قمبر ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻو هنيا ويا، گاجي کهاوڙ ۾ عوامي تحريڪ ۽ آبادگارن طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙن چيو ته سنڌ ۾ هٿ وٺي پاڻي کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏئي مسئلو حل ڪيو وڃي،