سنڌ ۾ پاڻي کوٽ: آڳاٽي خريف ۾ وارابندي لاڳو، هر 14 ڏينهن ڪئنالن ۾پاڻي ڇوڙ جو فيصلو: اڄ پلان طلب

0
26
ارسا هوڏ تي قائم: تڪراري ٽي پي ڪئنال جو ڇوڙ وڌائي ڇڏيو: سنڌ سرڪار جو ٻيو خط: ارسا پاران تنقيد تعصب قرار
ارسا هوڏ تي قائم: تڪراري ٽي پي ڪئنال جو ڇوڙ وڌائي ڇڏيو: سنڌ سرڪار جو ٻيو خط: ارسا پاران تنقيد تعصب قرار

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) ارسا اختيارين پاران آڳاٽي خريف ۾ 43 سيڪڙو کوٽ ڊڪليئرڊ ڪرڻ بعد سنڌ جي آبپاشي کاتي پاران گڊو بئراج، سکر بئراج ۽ ڪوٽڙي بئراج جي چيف انجنيئرن کي وارابندي جو پلان جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته ارسا جي ٽيڪنيڪل ڪاميٽي پاران 2 ڏينهن اڳ آڳاٽي خريف ۾43 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ ڊڪليئرڊ ڪرڻ بعد سنڌ جي آبپاشي کاتي پاران سمورن چيف انجنيئرن جو هنگامي اجلاس ڪوٺائي چيف انجنيئرن کي وارابندي پلان جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن آبپاشي واري کاتي جي سيڪريٽري ظريف کيڙو جي سربراهيءَ ۾سمورن چيف انجنيئرن جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاڻي جي مجموعي کوٽ سميت خاص طور تي آڳاٽي خريف ۾ پاڻي جي کوٽ وارن معاملن کي منهن ڏيڻ ۽ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ جي حوالي سان تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس دوران  ارسا جي ٽيڪنيڪل ڪاميٽي جي ڪيل فيصلي بابت آگاهي ڏيندي آڳاٽي خريف لاءِ پاڻي جي ورهاست جي حوالي سان چيف انجنيئرن کي پابند بڻايو ويو ته اڄ وارابندي جو پلان جمع ڪرايو وڃي، اجلاس ۾چيو ويو ته آڳاٽي خريف ۾پاڻي 43 سيڪڙو کوٽ سان ملندو، جنهن کانپوءِ موجود پاڻي کي نظر ۾ رکندي وارابندي جو پلان تيار ڪيو وڃي، جيئن صوبي جي سمورن آبادگارن کي برابري جي بنياد تي منصفاڻي ورڇ تحت پاڻي ڏئي سگھجي. چيف انجنيئرن کي هدايت ڪئي وئي ته وارابندي واري پلان ۾ ٻڌايو وڃي ته موجود پاڻي کي ڪهڙي طريقي سان ورهائيندا ۽ ڪهڙا ڪينال ڪهڙن ڏينهن ۾ بند رکيا ويندا؟ ان سلسلي ۾ آبپاشي کاتي جي لاڳاپيل اختيارين جو چوڻ آهي ته پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ڪيون ۽ آڳاٽي خريف دوران سکر بئراج ليفٽ بئنڪ ۽ ڪوٽڙي بئراج ۾پاڻي ڇوڙ ڪيون ۽ هر 14هين ڏينهن ڪئنالن ۾پاڻي ڇوڙ ٿئي. ياد رهي ته ارسا جي ٽيڪنيڪل ڪاميٽي جي اجلاس ۾به صوبن کي آڳاٽي خريف ۾43 سيڪڙو پاڻي کوٽ ڊڪليئر ڪرڻ وارو فيصلو ڪيو ويو هو، ارسا پاران پاڻي جي ٽه رُخي فارمولا تحت ورڇ ڪرڻ تي سنڌ صوبي جي احتجاج کان پوءِ آبپاشي کاتي جي اختيارين سنڌ ۾موجود پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ڪرڻ لاءِ وارابندي پلان تيار ڪرڻ جون هدايتون ڪيون ويون آهن، جڏهن ته سنڌ ۾ هن وقت 51 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ آهي.