سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، شاخن ۾ واري اڏامڻ لڳي، زمينون بنجر، اڃا تائين پوکائي ناهي ٿي سگهي: عوام

0
40
سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، شاخن ۾ واري اڏامڻ لڳي، زمينون بنجر، اڃا تائين پوکائي ناهي ٿي سگهي: عوام

ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پاڻي جي کوٽ، مظاهرا: زرعي نقصان جو ذميوار ڪير؟ وقت تي پاڻي ڪيئن ملي سگهندو؟ اوهان جي علائقي ۾ ڇا صورتحال آهي؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن وفاقي حڪومت، سنڌ سرڪار، آبپاشي عملدارن کي ذميوار قرار ڏيندي چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ ٿي وئي آهي، شاخن ۾ واري اڏامڻ رهي آهي، زمينون بنجر ٿي ويون آهن، اڃا تائين پوکائي ناهي ٿي سگهي، زمينون وڪڻڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي سارنگ منير سومرو لکيو ته پيپلز پارٽي ذميوار آھي، سنڌي علي گل لکيو ته خيرپور ناٿن شاھه رائيس ڪئنال ناراڊسٽري ۾ ھن وقت تائين پاڻي ناھي پھتو ٻجن جي پوکائي نه ٿي سگھي آھي چوپائي مال لاءِ پاڻي پيئڻ جو ڪونھي، ھن ڀيري وقت سر فصل ڪونه ٿي سگھندا، ڏڪار جا آثار نظر اچن پيا، علي غلام چانڊيو لکيو ته ڪھڙا ٿا سور پڇو ھڪ ته آبادگارن کي فصلن جو مناسب اگهه نٿو ملي ٻيو ته پاڻي موجود ناھي جو آبادگارمندائتا فصل پوکائي ڪري سگھن ۽ ڪلر دوائون ڊيزل مھانگو آهي، زراعت تي ڳرا ٽيڪس لاڳو ڪري زراعت کي ھٿي وٺرائڻ بجاءِ تباھه ڪيو پيو وڃي، افسوس ان ظالم حڪمرانن تي، راحب لکيو ته اسان وٽ دادو ڪئنال ۾ پاڻي صرف ڏيکارڻ لاءِ ڏنو ويو آ جيڪو ڪئنال جي تري ۾ ھلي ٿو باقي ڪو آسرو ڪونهي، ايم هاشم مهر به سروي ۾ حصو ورتو، عبدالله الهداد کوسو لکيو ته سنڌ سڄي ۾ تقريبن خشڪ سالي آھي ڪئنالن ۾ پاڻي ته آھي پر صرف بااثرن لاءِ غريب عوام بک اڃ ۾ مري رهيو آهي، حڪمران غريبن کي مجبور ڪري رهيا آهن ته جيئن اهي پنهنجون ملڪيتون وڪڻي ڏين، محمد هاشم لکيو ته قمبر شھدادڪوٽ نصير آباد فصلن لاءِ پاڻي ناهي، پيئڻ جو پاڻي ڪونهي، جانور، پکي ۽ انسان پاڻي لاءِ پريشان آهن، ديشي گلزار لکيو ته ضلعو نوشھرو فيروز نزد ڦل شھر ۾ پاڻي جي کوٽ سبب ھزارين ايڪڙ زرعي زمين بنجر بڻجي وئي آهي، پاڻي نه ھجڻ جي ڪري انسان توڙي جانور سخت پريشان آهن ھزارين پکي پاڻي جي ڪري مري رھيا آهن، مختيار مولائي لکيو ته سنڌ سڪائڻ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت ذميوار آھي ھن وقت ڪئنال جي ڪري سنڌ جون زمينون بنجر بڻجي ويون آهن، ٽالپر اسلم لکيو ته سنڌ ۾ ڪٿي به پاڻي ناهي، سنڌ سرڪار ذميوار آهي، راڪيش لکيو ته سنڌ جي عوام کي ئي ڪجھه ڪرڻو پوندو پنجاب ۾ درياءَ تار پيو هلي، ظفر حسين کوسو لکيو ته پيئڻ جو پاڻي ڪونهي رڻ شاخ ۾ ٿرپارڪر، ايم هاشم مهر لکيو ته پنو عاقل ۾ پاڻي جي مڪمل کوٽ آهي، عبدالنبي به پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو، زوهيب سنڌي لکيو ته روهڙي ڪئنال فل پيو وهي پر رستي ۾ پاڻي چوري ڪيو ٿو وڃي، نماڻو نوناري لکيو ته پاڻي نه ملڻ سبب سنڌ بنجر ٿيندي پئي وڃي، پ پ وارا ذميوار آهن. سميع الله ناريجو لکيو ته پ پ ذميوار آهي، الله وسايو جمالي لکيو ته قاضي احمد ۾ پاڻي جي کوٽ جي ڪري زراعت کي ڪافي نقصان پهچي رهيو آهي، حمزه، جنيد علي، سريش ڪمار ميگهواڙ به پوسٽ تي ردعمل ڏنو، الياس سمون لکيو ته ٺٽو جي سامونڊي پٽيءَ ۾ھن وقت ڪربلا لڳي پئي آھي پکي جانور اڃ وگهي مرن پيا، فصل سڪي تباھه ٿي ويا آھن، زراعت مڪمل ختم، جر کارو ٿي ويو ،سمنڊ ۾مٺو پاڻي نه ملڻ ڪري سمنڊ مان مڇي اڻلڀ ٿيندي پئي وڃي ماھيگير طبقو بدحالي جو شڪار ٿي ويو آهي، سامونڊي پٽيءَ جو پاڻي گھوڙا ٻاري لڳ بند ڪيو ويو آھي جتي مڇيءَ جا غير قانوني ناجائز تلاءَ ڀرجي رھيا آھن، ھزارين ايڪڙن تي مڇيءَ جا تلاءَ سياسي ماڻھن جا ھئڻ ڪري ڪا ڪاروائي ڪونه پئي ٿئي، عبد آريسر لکيو ته پاڻي واري مسئلي جي پوزرشن اھا آھي ته زمينن لاءَ ته گھريو پر ساھه ڀري شئي لاءِ پيئڻ لاءِ به پاڻي نٿو ملي، پ پ پ سرڪار مختلف ڳوٺن ۾ آر او پلانٽس ڏنا ڪروڙن جي لاڳت سان آيل اھي اسڪيمون پنهنجي من پسند ٺيڪيدارن حوالي ڪيون ويون، پوري عمرڪوٽ ۾ سرڪار پاران مليل آر او پلانٽس ناڪارا آھن ۽ ڀوت بنگلي جو ڏيک ڏئي رھيا آھن، رڳو پاڻي نه بلڪه ھر اھا شئي جيڪا انسان توڙي ھر ساھ ڀري شئي لاءِ ممڪن آھن اها کسي وئي آهي، باقي رھي ڳالھه اھا ته اسان ٿر واسي کوھه ۽ نلڪي جو پاڻي پيئون ٿا ته پر پاڻي واري اشو تي پوري سنڌ سان احتجاجن طور ھر پل جڙيل رھيا آھيون ۽ جڙيل رھنداسين، پر جيسين ھن حڪومت جو زوال نٿو اچي تيسين اھي سور سنڌ واسين کي لکيل آھن ۽ ان لکي تي لوڙيون پيا. مدثر کهاوڙ لکيو ته اهيو سدائين راڳ هلندو آهي ته پاڻي شاخن ۾ نٿو پهچي هونئن انجنيئر بدلي ناهن ٿيندا پر پاڻي جي چئن مهينن جي مند ۾ 20 انجنيئر بدلي ٿيندا آهن پوءِ جنهن انجنيئر کان پڇ چوندا پاڻي کوٽ جي اسانکي خبر ناهي، حڪومت ڪنهن به انجنيئر کي پاڻي پهچائڻ جي ذميواري نٿي ڏي جيڪڏهن ڪنهن هڪ انجنيئر کي پاڻي کوٽ جو ذميوار ڪيو وڃي ته ڏس ڪيئن ٿا پاڻي پهچائن پر هتي انجنيئر جي بدلي تي لکين رپيه رشوت وٺي مقرريون ڪيون وڃن ٿيون ته پوءِ سنڌ جو اهيو ئي حشر هوندو، پاڻي کوٽ جا ذميوار انجنيئر ۽ آبپاشي ڪامورا آهن. اي بي حفيظ پلهه لکيو ته دريا خان مري ڀرسان وھندڙ نصرت ڪئنال مان نڪرندڙ ڪوٽ لالو مائينر چاناري تيتري شاخ شير خاني شاخ کي ھٿرادو کوٽ ڄاڻائي 8 ڏينھن لاءِ شاخون بند ڪيون وڃن ٿيون شاخون بند ڪرڻ جا ذميوار ايريگيشن سب ڊويزن پڊعيدن جا سرويئر داروغا ۽ ايريگيشن جو ھيٺيون عملو آھي. بيلدار شاخن تي دوروغا مقرر ڪيا ويا آھن جيڪي آبادگارن کان في واٽر ڪورس جا ڏيڍ لک کان 10 لک رپيا 4 مھينن لاءِ مبينا وٺي پنھنجا ڀڀ ڀري رھيا آھن جڏھن ته پاڻي جي کوٽ سبب ووئڻن جو فصل پوکجي ناھي سگھيو. محمد حسن لکيو ته  پوري ٿرپارڪر ۾ پيئڻ جي لاءِ پاڻي ڪونه آهي شديد قلت آھي، ھن وقت آئون عمرڪوٽ شھر آھيان عمرڪوٽ ۾ مھيني ۾ ھڪڙو دفعو ڪڏھن ڪڏھن مٿي ٽائيم ٿيو وڃي ٿو پيئڻ جو پاڻي نٿو اچي… بيوس اربيلو ڏاهاڻي لکيو ته ڪھڙا ڪھڙا سور ٻڌايون، جيسائين پ پ حڪومت ۾ رهندي سنڌ ۽ سنڌي ڪڏهن سک جو ساھ نه کڻندا، وقتن بوقتن سنڌ جو سودو ڪن ٿا ڪڏهن جبل، ڪڏهن بندرگاهه، ڪڏهن تيل،ڪڏهن گئس، بچيل هيو پاڻي سو به هنن وڪڻي ڇڏيو، اسان جي بئراج گڊو ۾ اڃا تائين پاڻي جو ڦُڙو ناهي تنھنڪري هن سال ٻيجارو پوکڻ ۾ دير ٿي آهي، سنڌي عوام کي پاڻي جي لاءِ نڪرڻ گھرجي ڇو ته پاڻي صرف آبادگاري جي لاءِ نه بلڪه انسانن جانورن پکين وڻ ٽڻن جي جياپي لاءِ به ضروري آهي سو اسان کي پنھنجي پاڻي جي حفاظت ڪرڻ کپي، نور فاطمه، اختر خان به سروي ۾ حصو ورتو، مير عامر خان چانڊيو لکيو ته رائيس ڪئنال مان نڪرندڙ باڊھه شاخ جا در اڃا تائين نه کوليا ويا آھن، ڄاڻي واڻي باڊھه شاخ کي بند رکيو ويو آھي ايريگيشن کاتي جو داروغو ۽ ٽنڊيل پاڻي تي پيسا مبينا ڪمائڻ ۾ مصروف آهن، راجڪمار اوڏ لکيو ته سنڌ ۾ واڻي جي کوٽ جا اصل دميوار آهن سنڌ جي حصي جو پاڻي وفاق جي نه ڏيڻ وارا آهن جنهن ڪري سنڌ جي شاخن ۾ واري اڏامي رهي آهي سنڌ جون زمينيون بنجر بنجي ويون، سنڌ جا رهواسي پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪن ٿا ان جو به ڪو کڙ تيل نٿو نڪري، قربان ميراڻي لکيو ته ھڪ سازش تحت سنڌ کي پاڻي گھٽ ڏنو پيو وڃي جيئن سنڌ جون زمينون بنجر بڻجن ته سنڌ جو زميندار زرعي ذرخيز کان مايوس ٿي ڪنھن ٻي ملڪ وڃي روزگار تلاش ڪري ۽ پوءِ زمينون وڏي ڪمپني جي حوالي ڪيون وڃن ان سازش ۾ سنڌ حڪومت برابر جي شريڪ آھي.صمد ٽالپر، ارسلان حيدر، فرمان بلوچ، عبيدالله جوڻيجو، ظفر کوسو، منصور علي به سروي ۾ حصو ورتو.