پريالوءِ (ن پ ا) سنڌي ادبي سنگت پريالوءِ جي دستوري گڏجاڻي سينيئر شاعر استاد ڪندن لعل جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ دوستن پنهنجون نڪور لکڻيون اصلاحي تنقيد لاءِ پيش ڪيون، گڏجاڻي ۾ ڳالهائيندي سجاد ميراڻي چيو ته سنڌو درياهه تي صرف ۽ صرف سنڌ ڌرتي وارن جو حق آهي ان ڪري سنڌين کي گهرجي ته سنڌو درياهه تي وارثي لاءِ ڀرپور آواز اٿارين، استاد ڪندن لعل چيو ته هن وقت سنڌ ۾ پاڻي جو اشو هلي رهيو آهي، ان ڪري نوجوانن کي سنڌو درياهه جي حوالي سان پنهنجون ڪويتائون ۽ ڪهاڻيون لکڻ گهرجن، جيئن اديبن ۽ شاعرن جو مزاحمتي ڪردار واڳ ڌڻين وٽ پهچي سگهي.