اسلام آباد: ايم ڪيو ايم جي وسيم احمد قومي اسيمبلي ۾ چيو ته سنڌ ۾ مظاهرن جو سلسلو سڀني سامهون آھي، ٽانگا پارٽيون به ان مامري تي جهنڊا لڳائڻ ۾ اڳتي اچن ٿا، هي مسئلو تقريرن سان حل نه ٿيندو، آرمي چيف، صدر، صوبا گڏ ويهي مسئلو حل ڪن، آبادي جي حساب سان ڪراچي ۽ حيدرآباد کي پاڻي ڏنو وڃي. پ پ ميمبر عبدالقادر پٽيل چيو ته خبر ناهي تحريڪ انصاف ڪئنالن خلاف آهي يا حامي آهي. اهم موضوع آهي پر مخالف ڌر ساٿ ناهي ڏنو. هن چيو ته سنڌ ۾ ٽانگا پارٽيون احتجاج ڪري رهيون آهن. ايڪنڪ ۾ هي معاملو پ پ سبب رڪيل آهي. ڪئنال ڪڍڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي. اڄ سنڌ ۾ سنڌ لاءِ ڪير سِر نه ڏيندو جا نعرا لڳي رهيا آهن.