هونئن ته سنڌ ۾ ٻيو ڪل خير آهي، بس رڳو ڪجهه ڏوهارين جو چمن ۾ چهچٽو آهي. ڪجهه ماڻهن کي ڌاڙيل ڀُنگ خاطر اغوا ڪري ٿا وڃن، جن تي تشدد ڪري، مٿا ڪوڙي تذليل واريون وڊيوز وائرل ڪري، دٻاءُ وجهي ڀُنگ طلب ڪيو وڃي ٿو. باقي سنڌ ۾ ڪل خير آهي. بس رڳو طرزِ حڪمراني جو ذائقو بدلائڻ لاءِ ڪنهن مخالف سياستدان کي گرفتار ڪري هٿڪڙيون هڻي دهشتگرديءَ جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو ته جيئن ٻڌائي سگهجي ته ظلِ سبحاني ته وري به ظلِ سبحاني هوندا آهن. باقي سنڌ ۾ ٻيو ڪل خير آهي. هتي ڦُر جون وارداتون عام آهن. مزاحمت ڪندڙن کي شهرن جي وچ ۾ قتل ڪيو وڃي ٿو. ڦورن ۽ ڌاڙيلن کي شايد سليماني ٽوپيون پاتل آهن، جيڪي پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي نظر نٿا اچن، باقي سنڌ ۾ ڪل خير آهي. ماڻهن کي پيئڻ جي لاءِ پاڻي نٿو ملي، ۽ منتظمين چون ٿا ته ان لاءِ ذميوار ماحولياتي تباهي آهي، باقي سنڌ ۾ ڪل خير آهي. سنڌ ۾ مڙيوئي سڀ خير آهي، جو حڪمرانن جو راوي ‘سڀ سُک چين’ لکي ٿو، پوءِ اها جدا ڳالهه آهي ته، اخبارون ڪرائيم ڊائريون بڻيل آهن. ميڊيا سماج جي آرسي آهي ۽ ان ۾ حڪمرانيءَ جو چهرو خوفناڪ نظر اچي ٿو ته ميڊيا جي آرسيءَ تان ڌوڙ اگهڻ جي ضرورت آهي، باقي سنڌ ۾ ڪل خير آهي.
تاريخ ۾ امن ۽ آشتيءَ، سانت ۽ سڪون واري ساڻيهه جي سڃاڻپ رکندڙ سنڌ هن وقت ‘بدامنيءَ جي ڀونءِ’ بڻجي ويئي آهي. سنڌ جو ڪَچو ڌاڙيلن جي ٿم ۽ ٿاڪ بڻيل آهي، جتي انهن وٽ نه رڳو مغوي پر رياستي قانون به يرغمال بڻيل آهي. سنڌ ۾ هن وقت به تمام گهڻا ماڻهو ڌاڙيلن وٽ قيد آهن ۽ روز روز اغوا جي نئين وارداتن ذريعي انهن ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي. اهي اتريان ضلعا ڄڻ ته ڌاڙيلن کي مقاطعي تي ڏنل هجن! اتي رياستي قانون نٿو هلي. اتي ڏوهن جي سرپرستي ڪندڙ ڀوتار اڇي ڪاري جا مالڪ بڻيل آهن، پوليس جو ڪردار اتي رڳو ڪمداريءَ وارو بيهي ٿو. پوليس جي حيثيت اها وڃي ٿي آهي، جنهن جو عڪس ترميم ٿيل هن چوڻيءَ ۾ پسي سگهجي ٿو ته، “پوليس مان نه ڌاڙيلن کي ڊپ، نه عوام کي آسرو”. گهڻن معاملن ۾ جتي پوليس ڪچي ۽ پڪي جي ڌاڙيلن اڳيان بيوس بڻيل آهي، اتي ڪجهه معاملن ۾ سهولتڪاري ڪندي به نظر اچي رهي آهي.
سنڌ ۾ قانون جي حڪمراني جو بحران ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي. مختلف شهرن ۾ وڌندڙ ڏوهن، خاص طور تي ڀنگ خاطر اغوا، ۽ ڦر جا واقعا اهو ظاهر ڪن ٿا ته امن ۽ امان جي صورتحال انتهائي نازڪ ٿي چڪي آهي. هن صورتحال جو هڪ اهم سبب سياسي ۽ جاگيرداري طبقي جو ڏوهاري عنصرن جي سرپرستي آهي. سنڌ ۾ جتي هڪ طرف عوامي سطح تي خوف ۽ هراس جو ماحول آهي، اُتي ٻئي طرف حڪومتي ادارن جي خاموشي ۽ غير سنجيدگي هن مسئلي کي وڌيڪ پيچيده بڻائي رهي آهي. گذريل ڪيترن ئي سالن کان سنڌ ۾ اغوا هڪ انڊسٽري جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي. شهري علائقن کان وٺي ديهي علائقن تائين، ماڻهن کي اغوا ڪرڻ ۽ انهن جي خاندانن کان ڀُنگ جو مطالبو ڪرڻ معمول بڻجي چڪو آهي. ان ۾ صرف ڏوهاري پيشه گروهه ملوث ناهن، پر سياسي ۽ جاگيرداري ڀوتار پڻ هن ڪاروبار جو حصو بڻجي وڃن ٿا. ان ڪري نه صرف سنڌ جي عوام جي زندگي جنجال ٿي چڪي آهي پر رياست جي سڀ کان اهم ذميواري يعني شهرين جي حفاظت به پوري نه پئي ڪئي وڃي. ڏوهن جو هڪ ٽڪنڊو آهي، جيڪو قانون لاڳو ڪندڙن/پوليس، سياسي ۽ قبيلائي ڀوتارن ۽ ڏوهارين تي ٻڌل آهي. جيستائين اهو ٽڪنڊو نٿو ٽُٽي، تيستائين ڏوهن جو خاتمو ته پري جي ڳالهه، انهن ۾ گهٽتائي به ممڪن نه آهي. اها صورتحال محض هڪ مفروضو ناهي، پر ڪيترن ئي ڪيسن ۽ شاهدين جي بنياد تي هڪ کليل حقيقت بڻجي چڪي آهي. جڏهن پوليس طرفان تحفظ جو يقين نه ملي ٿو، ته ماڻهو پنهنجي حفاظت لاءِ غير قانوني طريقن جو سہارو وٺڻ لڳن ٿا، جيڪو سماجي ڍانچي لاءِ هڪ سنگين خطرہ بڻجي وڃي ٿو. ان ڪري احسن ڪارڪردگيءَ جون اجايون دعوائون ڪرڻ بدران بي امنيءَ جي ڀونءِ بڻيل سنڌ ۾ امن امان جي ذميواري پوري ڪئي وڃي. هونئن به جمهوريت جو ثمر عوام تائين تڏهن ئي پهچندو، جڏهن امن امان جون حالتون بهتر هونديون.