حيدرآباد (بيورو رپورٽ) وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ ۽ سنڌ سجاڳي فورم جي سڏ تي ساڃاهه وندن پاران سنڌ مان جبري گمشدگين خلاف اولڊ ڪئمپس کان پريس ڪلب تائين  سارنگ جويو، محب آزاد ۽ سهڻي جويو جي اڳواڻي ۾ مارچ ڪيو ويو. ان موقعي تي تاج جويو، اسرار چانڊيو، شاهجهان ميراڻي، مقصود شاهه ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ٻيهر قومي ڪارڪنن، اديبن ۽ ساڃاهه وندن کي کنڀڻ جو سلسلو تيز ٿي ويو آھي. تازو موھن جي دڙي، سانگھڙ، ڪوٽڙي، ڄامشوري، ڪراچي ۽ ٻين شھرن مان کنڀيل اديب ۽ شاعر ظھير بسمل، قومي ڪارڪنن دوست علي ڀٽي، ماجد اوڳاھي، سرمد، فرمان ميراڻي، عزيز قمبراڻي، صدرالدين ڪولاچي، دلبر ڏيرو ۽ اعجاز سومرو به گم آهن جڏهن ته سالن کان گمشدگي جو عذاب ڀوڳيندڙ قوم پرست سياسي ڪارڪنن ايوب ڪانڌڙي، انصاف دايي، سھيل رضا ڀٽي، مرتضيٰ جوڻيجي، ڪاشف ٽڳڙ، ظفر چانڊيي، پي ڪي زھراڻي، ڊاڪٽر فتح محمد کوسي، سرويچ نوحاڻي، فرحان، وزير نوحاڻي، زاھد چني، پرويز سرگاڻي، شاھد سومري، سجاد ٻرڙي، صدام شر، اياز لطيف شر ۽ ٻين جي آزادي لاءِ آواز بلند ڪرڻ سان گڏ احتجاج ڪيو پيو وڃي پر کين ظاهر نه ٿو ڪيو وڃي. اڳواڻن چيو ته کنڀي گم ڪيلن مٿان جيڪڏهن ڪيس داخل ٿيل آهن ته انهن کي لاڳاپيل عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي ته جيئن سندن ڏوهه ظاهر ٿين ۽ هو پنهنجون ضمانتون ڪرائي سگهن.