ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه ۽ ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بنهاسين   وزيراعليٰ هائوس ۾  ٿيل اجلاس ۾ ورلڊ بينڪ جي 3.5 ارب ڊالرن جي ترقياتي پورٽ فوليو جو جائزو ورتو، 30 جون 2023ع  تائين 123 ملين ڊالر جاري ٿيڻ جو امڪان آهي. اجلاس ۾ ڪراچي موبلٽي منصوبي تحت ڄام صادق پل ۽ بي آر ٽي سسٽم جي بسن لاءِ پل جي اڏاوت تي غور ڪيو ويو، پلاننگ کاتي جي  چيئرمين ٻڌايو ته بي آر ٽي ڪوريڊور فيز-I بابت اسٽيشن ۽ فرش جي ڊزائين ۽ اوور هيڊ ۽ انڊر پاس انفراسٽرڪچر جي حوالي سان جائزو ورتو ويو آهي. ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل ميمڻ چيو ته ڪنسلٽنٽ کي هدايت ڪئي وئي آهي ته روڊ سيفٽي، بزرگ ۽ معذور فردن جي پهچ ۽ گرين ايرياز جي سار سنڀال کي يقيني بڻائين. ڪوريڊور فيز II ٻن ڄاڻايل پيڪيجز ۾ تجويز (پيڪيج V، KPT  انٽرچينج کان اين ايم سي  تائين 4.2 ڪلوميٽر ۽ پيڪيج VA، ڪالا پل کان شاهراهه قائدين تائين 3.8 ڪلوميٽر) ڪيل آهي جنهن کي ڪنسلٽنٽ پاران 30 جون 2023 تائين پيش ڪيو ويندو. ٽرانسپورٽ واري وزير چيو ته سندس کاتو شهر لاءِ اليڪٽرڪ بسون خريد ڪري رهيو آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 100 ملين ڊالرن جي لاڳت سان سنڌ سولر انرجي پروجيڪٽ شروع ڪيو ويو آهي. پلاننگ کاتي جي چيئرمين ٻڌايو ته ڪراچي نيبر هوڊ امپروومينٽ پراجيڪٽ جا اڪثر منصوبا افتتاح  بعد عوام لاءِ کوليا ويا آهن، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته صوبي جي سمورن ضلعن ۾ ٻوڏ جي نقصانن جو 2151.32 ملين ڪاٿو لڳايو ويو آهي، ناڻي کاتي 1000 ملين جاري ڪيا آهن  سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ بحالي جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، جيڪو  30 سيپٽمبر 2023 تائين مڪمل ڪيو ويندو.