ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه چيو آهي ته قومن جي ترقي لاءِ ماڻهن جو صحت مند هجڻ لازمي آهي، هن چيو ته سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ چائلڊ ايمرجنسي جو معيار خانگي اسپتالن کان بهتر آهي. سنڌ ۾ ٻارڙن جي موت جي شرح پوري مُلڪ کان گهٽ آهي، صحت جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ هن چيو ته صحت جو شعبو سنڌ سرڪار جي پهرين ترجيح آهي. سنڌ حڪومت ڪيترائي منصوبا شروع ڪيا آهن.