ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ۾ پي ايس ٽيز ۽ جي ايس ٽيز طور ڀرتين واري مُدي ۾ 30 جون تائين واڌ، سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ پي ايس ٽيز ۽ جي ايس ٽيز جون 10 هزار جايون خالي پيل، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب تعليم کاتي پاران آءِ بي اي ٽيسٽ پاس 63 هزار 681 پي ايس ٽيز ۽ جي اِي ٽيز جون ڀرتيون مڪمل ٿي ويون آهن، هن وقت به پي ايس ٽيز جون 8 هزار ۽ جي ايس ٽيز جون 2 هزار جايون خالي پيل آهن، جڏهن ته ٽيسٽ پاس ڪندڙ 25 هزار 693 پي ايس ٽي ۽ 28 هزار 428 جي ايس ٽيز اميدوارن ويٽنگ تي ويٺل آهن. ڄاڻ موجب ته صوبي ۾ 40 تعلقن اندر جايون خالي هجڻ باوجود اتي ڪو پي ايس ٽي ٽيسٽ پاس اميدوار موجود ناهي ساڳئي ريت 20 تعلقن ۾ جي اي ايس ٽي ٽيسٽ پاس اميدوار موجود ناهي، جنهن ڪري ڄاڻايل تعلقن ۾ جايون ڀرتي نه سگھنديون. هوڏانهن ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي تعليم واري وزير سردار شاھ چيو ته جوائننگ جي انتظار ۾ ويٺل آءِ بي اي ٽيسٽ پاس استادن جي ڀرتين واري مدي ۾ 30 جون تائين واڌ ڪئي وئي آهي، هن چيو ته 3 سال اڳ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ استادن جو مدو 28 فيبروي تي ختم ٿي وڃي ها پر عمر ۾ رعايت جي حد ۾ گهٽتائي ۽ نگران سرڪار دوران ڀرتين تي 9 مهينا پابندي سبب ڀرتين جي مدي ۾ 30 جون تائين واڌ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
5000عادي گوسڙو استادن کي 15 ڏينهن جي مهلت ڪراچي: تعليم کاتي ۾ 5 هزار عادي گوسڙو استادن کي 15 ڏينهن جي مهلت، ان حوالي سان تعليم واري وزير سردار شاھ چيو ته اسان وٽ 5 هزار عادي گوسڙو استادن جي نشاندهي ٿي آهي، اسان کين 15 ڏينهن جي مهلت ڏئي رهيا آهيون، جيڪڏهن 15 ڏينهن اندر وضاحت نه آئي ته کين برطرف ڪنداسين، صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته ڪجهه ڊي اي اوز خلاف ڪرپشن جون شڪايتون مليون آهن، اهڙن آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
|
ميٽرڪ جي امتحانن جي تاريخ تبديل ڪرڻ تي غور شروع: اجلاس طلب
ڪراچي: ميٽرڪ جي امتحانن جي تاريخ تبديل ڪرڻ تي غور شروع، ان حوالي سان ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير سردار شاھ چيو ته سنڌ ۾ ميٽرڪ جي امتحانن جي تاريخ تبديل ڪرڻ جي تجويز غور هيٺ آهي، ان بابت ايندڙ هفتي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي آهي، جنهن ۾ ميٽرڪ جي امتحانن جي تاريخ تبديل ڪرڻ يا ساڳئي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويندو.