سنڌ ۾ وڌندڙ روڊ حادثا ۽ قانون تي عمل جو سوال

0
44
......۽ بشارالاسد جي اقتدار جو سِج به لهي ويو!

شايد ڪو اهڙو ڏينهن هجي، جنهن ڏينهن روڊن تي هلندڙ رڪ جا راڪاس انساني حياتين جو خراج نه وٺندا هجن. روڊ حادثا توڙي جو سڄي ملڪ ۾ معمول بڻيل آهن پر سنڌ ۾ روڊن جي خراب حالت ۽ قانون جي گمشدگيءَ جي ڪري هتي روڊ حادثا وڌندا پيا وڃن. اهڙوئي هڪ خطرناڪ روڊ حادثو ٺل ويجهو پڻ ٿيو آهي، جتي مسافر ڪوچ ۽ مزدا وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ ڪوئيٽا کان صادق آباد ويندي مسافر ڪوچ جو مزدا سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾  موقعي تي ئي پنج مسافر فوت ٿي ويا، جڏهن ته 12 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا،

هونئن ته سڄي ملڪ ۾، پر خاص طور تي سنڌ ۾ روڊ حادثن جو مسئلو هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌندو پيو وڃي، جنهن جو اثر نه رڳو ماڻهن جي زندگيءَ تي بلڪه قومي معيشت تي به ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (WHO) جي رپورٽ موجب، پاڪستان دنيا جي انهن ملڪن ۾ شامل آهي، جتي روڊ حادثن ۾ حياتي وڃائيندڙن جو انگ انتهائي گهڻو آهي. ان سلسلي ۾ سنجيده توجہه ۽ جامع پاليسين جي ضرورت آهي ته جيئن روڊ حادثن کي گهٽائي سگهجي. روڊ حادثن جي وڌندڙ شرح جا ڪيترائي سبب آهن، جن ۾ انساني غلطيون، ناقص ٽريفڪ نظام، غير معياري روڊ انفراسٽرڪچر، ۽ بدترين ٽريفڪ مينيجمينٽ شامل آهن. ڊرائيورن جون غلطيون ۽ بي احتياطيون، جهڙوڪ اوچتو رستو مٽائڻ، تيز رفتاري، غير محفوظ ڊرائيونگ، ۽ موبائل فون استعمال ڪرڻ، روڊ حادثن جا اهم سبب آهن. ڪيترا ئي حادثا نشي واري حالت ۾ گاڏي هلائڻ يا ٿڪاوٽ سبب به پيش اچن ٿا. ٻيو ته پاڪستان ۾ ٽريفڪ جا قانون ته موجود آهن، پر انهن تي عملدرآمد نٿو ٿئي. روڊن تي گاڏيون ته هلن ٿيون، پر قانون نٿو هلي. ٽريفڪ پوليس جي کوٽ، ڪرپشن ۽ قانونن تي عمل نه ٿيڻ سبب به روڊ حادثن ۾ اضافو ٿيندو رهي ٿو. روڊن جي حالت خراب هجڻ، غلط ڊزائن، ۽ کڏن کوپن جي موجودگي حادثن جو سبب بڻجي ٿي. ملڪ ۾ اڪثر روڊن تي روشنيءَ جو مناسب بندوبست نه هجڻ ۽ فٽ پاٿن جي کوٽ به پيدل هلندڙن لاءِ خطري جو سبب بڻجي ٿي. بسن ۽ ٻين عوامي ٽرانسپورٽ جي ناقص حالت، غير ذميوار ڊرائيور، ۽ وڌيڪ مسافر ڀرڻ/ٻڪر ٻوساٽ سبب به خطرناڪ حادثا ٿين ٿا. غلط پارڪنگ، اوور لوڊنگ، ۽ قانونن کان بي خوف هجڻ به روڊ حادثن ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. روڊ حادثا ڪيترائي گهر برباد ڪري ٿا ڇڏين. ڪيترائي ماڻهو صحت ۽ سگهائيءَ کان محروم ٿي ٿا وڃن. پر ٻئي طرف جيڪي ڊرائيور لاپرواهيءَ سان اهي حادثا ڪن ٿا، انهن کي ڪهڙي سزا ٿي ملي؟ گهڻن جا ته صرف ڊرائيونگ لائيسنس رد ٿين ٿا. ان ڳالهه کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته، ڊرائيورن جو وڏو تعداد منشيات واپرائي ٿو. جڏهن اهڙي حالت ۾ اهو ڊرائيونگ سيٽ تي ويهندو ته زندگي حادثن جي شاهراهه تي ڪيئن نه هلندي؟

روڊ حادثن کي گهٽائڻ لاءِ جامع حڪمت عملي ۽ مؤثر اپاءَ ضروري آهن. جيڪي روڊ حادثن جي شرح کي گهٽائڻ ۾ مددگار ٿي سگهن ٿا. ڊرائيورن کي بهتر تربيت ڏيڻ ۽ ٽريفڪ جي قانونن بابت شعور ڏيڻ ضروري آهي. ڊرائيونگ لائسنس جاري ڪرڻ جو عمل سخت ڪرڻ گهرجي ته جيئن صرف ماهر ۽ ذميوار ڊرائيور ئي گاڏيون هلائڻ جا اهل بڻجن. ٽريفڪ قانونن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ ٽريفڪ پوليس جو نظام مضبوط ڪرڻ ۽ ڪرپشن کي ختم ڪرڻ ضروري آهي. ٽريفڪ خلاف ورزي ڪندڙن کي سخت سزائون ڏيڻ سان بهتر تبديلي اچي سگهي ٿي. روڊن جي تعمير ۽ مرمت لاءِ جامع منصوبابندي ڪرڻ گهرجي. موڙن تي خبرداري سائن بورڊ لڳائڻ، ۽ فٽ پاٿن جي تعمير سان حادثن کي گهٽائي سگهجي ٿو. جديد ٽيڪنالاجي، جهڙوڪ سي سي ٽي وي ڪيمرائون، ٽريفڪ ڪنٽرول سينٽر، ۽ روڊن تي اسپيڊ ڪنٽرول سسٽم نصب ڪرڻ سان ٽريفڪ جي انتظام کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو. روڊ سيفٽي بابت عوام ۾ شعور وڌائڻ لاءِ ميڊيا، ۽ ڪميونٽي پروگرامن ذريعي آگاھي مهم هلائڻ ضروري آهي ته جيئن ماڻهو روڊن تي محتاط ڊرائيونگ ۽ محفوظ رفتار جو خيال رکن. ڊرائيورن ۽ مسافرن لاءِ حفاظتي بيلٽ ۽ موٽرسائيڪل هلائيندڙن لاءِ هيلمٽ جو لازمي استعمال يقيني بڻائڻ گهرجي. ٽريفڪ پوليس کي ان جي نگراني لاءِ متحرڪ رکڻ گهرجي. حادثن جي صورت ۾ ريسڪيو ۽ ايمرجنسي سروسز جو بهتر انتظام هجڻ گهرجي ته جيئن متاثرن کي فوري مدد فراهم ڪئي وڃي ۽ جاني نقصان کي گهٽائي سگهجي.